شهدادڪوٽ

شهدادڪوٽ: اناج سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي

Shahdadkot accidentشهدادڪوٽ: شهدادڪوٽ ويجهو اناج سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ سبب ڊارئيور سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن،جن کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي، بگو دڙو روڊ تي چور واه لڳ اناج سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي هُڪ ڀڄي پوڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن زخمين ۾ ڊرائيور علي محمد کوکر،سڪندر کوسو،لهڻو کوسو، قادر بخش بروهي، ۽ علي حسن مگسي شامل آهن، زخمين کي اسپتال داخل ڪيو ويو آهي،جن مان ٻن ڄڻن لهڻو کوسو ۽ قادر بخش بروهي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي، جن کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو پيو وڃي،زخمي ڊرائيور ۽ زخمين کي علاج لاءِ اسپتال کڻائي ايندڙ ايس يو پي ميروخان جي اڳواڻ شير خان چانڊيو ٻڌايو ته هُو شڪر خان بروهي کان شهدادڪوٽ اناج کڻي ٽريڪٽر ٽرالي تي اچي رهيا هئا ته ٻوڏ ۾ تباهه ٿي ويل روڊ جي مرمت نه هئڻ ڪري، سمورو روڊ کڏا،کڏا هئڻ سبب ٽريڪٽر ٽرالي وارو هُڪ ڀڄي پيو ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ واقعو پيش آيو آهي، هن ٻڌايو ته روڊ جي تباه هئڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ۽ سخت احتجاج باوجود روڊ جي مرمت جو ڪم ناهي ڪرايو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button