مختصر خبرون

شاگردن لاءِ “سنڌ ۾ فني تعليم جي اهميت”جي عنوان سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو

حيدرآباد،سنڌ ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ حيدرآباد ( اسٽيوٽا) پاران حيدرآباد ريجن جي ماتحت ڪيريئر ڪائونسلنگ اينڊ پيلسمينٽ سينٽرز حيدرآباد پاران سر غلام حسين هدايت الله اسڪول جي شاگردن لاءِ “سنڌ ۾ فني تعليم جي اهميت”جي عنوان سان هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو . تقريب ۾ ريجنل ڊائريڪٽر اسٽيوٽا غلام محمد ميمڻ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ان موقعي تي عبدالغني راجپوت ۽ الطاف شيخ ميٽرڪ،فرسٽ ايئر۽ انٽر ڪلاس جي شاگردن کي ڪيريئر پلاننگ جي اهميت ۽ فني تعليم جي ضرورت بابت آگاهي ڏني ڇاڪاڻ ته ڄاڻايل جماعتن جاشاگرد امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ پنهنجي بهتر مستقبل جي حوالي سان پريشاني ۾ مبتلا هوندا آهن ۽ ان مشڪل کي آسان ڪرڻ لاءِ اڄ جو هي سيمينار منعقد ڪيو ويوهو- ان کان اڳ سر غلام حسين هدايت الله اسڪول جي پرنسپل محمد صديق آجياڻي جي تقرير ڪري آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button