مختصر خبرون

سکر ۾ لاڳيتو پوندڙ برسات سبب جيالي جو گهر زبون

بيورو رپورٽ، سکر
سکر ۾ لاڳيتو پوندڙ برسات سبب جيالي جو گهر زبون،پ پ ايم اين اي ، اڳواڻن ۽ ضلعي انتظاميا جي دلاسن باوجود ڪو عملي ڪم نه ٿيڻ تي پارٽي اعليٰ پارٽي قيادت ۽ اختيارين کي مدد جي اپيل خبر موجب سکر جي اسٽيشن روڊ تي منور مسجد پويان پيپلز پارٽي يوسي 7 جي اڳواڻ نفيس مغل جو ريلوي ڪوارٽر پيل برساتن جي ڪري انتهائي زبون حالي جو شڪار ٿي ويو آهي جنهن ۾ هو پنهنجي گهرواري ۽ 6 معصوم ٻارڙن سان گڏ مدد جي آسري خطري واري زندگي گذاري پيو جنهن جو ذڪر ڪندي هن ٻڌايو ته هو غريب آهي ڪوارٽر جو تعميراتي ڪم نه ٿو ڪرائي سگهي اهڙي صورتحال سبب ڪڏهن به ڪو جاني ۽ مالي نقصان ٿي سگهي ٿو ان ڏس ۾ نفيس مغل ايم اين اي نعمان اسلام شيخ کي اپيل ڪئي جنهن بعد سندس ڪوارٽر جو جائزو وٺڻ لاءِ پ پ سکر سٽي جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد مغل جي ذميوراي لڳائي جنهن بعد ۾غلام مرتضيٰ گهانگهرو سان گڏجي جائزو وٺندي فوٽو ڪڍرائي خاطري کيس ڪرائي پر هڪ هفتي گذرڻ باوجود هو پنهنجي ٻارڙن سان زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ آهي هن اهو به ٻڌايو ته ڊي سي سکر بلال ميمڻ کي به اپيل ڪئي جنهن جي ريسڪيو ٽيم پهتي پر ان باوجود ڪو عملي قدم ناهي کنيو ويو هن پ پ جي چونڊيل نمائندن ، اعليٰ قيادت ۽ وس وارن کي اپيل ڪرائي ته سندس ڪوارٽر جي مرمت ڪرائي وڃي جيئن هو پنهنجي ٻچڙن سان سک جو ساهه کڻي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button