مختصر خبرون

سکر: گڏاڻي برادري پاران چونڊن ۾ صوبائي تڪ تي اميدوار بيهارڻ جو اعلان

بيورو رپورٽ، سکر
سکر جي گڏاڻي برادري طرفان ايندڙ چونڊن ۾ صوبائي تڪ تي پنهنجو اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سکر جي گڏاڻي برادري طرفان حضوربخش گڏاڻي اڳواڻو ڪونسلر حاجي خان گڏاڻي، محمد مراد گڏاڻي سميت گڏاڻي برادري جي ٻين ماڻهن جو هڪ اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ گڏاڻي برادري طرفان فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ گڏاڻي برادري طرفان صوبائي تڪ تي پنهنجو اميدوار بيهاريو ويندو، هنن چيو ته سکر مان پيپلز پارٽي جي چونڊيل نمائندن کي ووٽ ڏئي ڪري ايوانن تائين پهچايوسين، پر پنجن سالن جي دوران نوڪرين ۽ ترقياتي ڪمن ۾ گڏاڻي برادري کي مسلسل نظر انداز ڪيو ويو، تنهن ڪري گڏاڻي برادري فيصلو ڪيو آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي اميدوارن جي بائي ڪاٽ جو اعلان ڪري پنهنجو اميدوار بيهارڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button