مختصر خبرون

سکر: ڪمشنر گلن جي نمائش جو افتتاح ڪيو

بيورو رپورٽ، سکر
ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ موسم بهار جي آمد جي مناسبت سان غوري ڊپارٽمينٽل اسٽور سکر جي شاخ آئي ڪون طرفان لڳايل گلن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. انهي موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته اسان سڀني کي گهرجي ته گلڪاري ۽ وڻڪاريءَ کي فروغ ڏيون، جنهن سان ماحول خوبصورت ۽ دلڪش بڻجي پوي ٿو ۽ انهيءَ سان گڏ انساني صحت تي مثبت اثرات پون ٿا ۽ ايئن ڪرڻ سان ماحولياتي آلودگي کي پڻ گهٽائي سگهجي ٿو. ڪمشنر محمد عباس بلوچ سکر جي شهرين کي گذارش ڪئي ته هو گلڪاريءَ ۽ وڻڪاريءَ ڪري پنهنجي شهر کي خوبصورت ۽ دلڪش بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سٺي شهري ٿيڻ جو ثبوت ڏين. انهيءَ سلسلي ۾ حڪومت شهر اندر گرين بيلٽ، واڪنگ ٽريڪ ۽ پارڪن جي قائم ڪرڻ کي فروغ ڏئي رهي آهي ته جيئن عام ماڻهن کي تفريحي سهولتون فراهم ڪري سگهجن. بعد ۾ هن غوري ڊپارٽمينٽل اسٽور پاران لڳايل گلن جي نمائش واري قدم جي تعريف ڪندي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button