سکر

سکر ڪسٽم انٽيليجنس فورس پاران گنڌارا دور جون 50 قديمي مورتيون ۽ ٻيون نواردرات هٿ

عمر سومرو، سکر

سکر ڪسٽم انٽيليجنس فورس  پاران گنڌارا دور جون 50  قديمي مورتيون ۽ ٻيون نواردرات هٿ
سکر ڪسٽم انٽيليجنس فورس پاران گنڌارا دور جون 50 قديمي مورتيون ۽ ٻيون نواردرات هٿ
سکر ڪسٽم انٽيليجنس فورس جي ڪاروائي، روهڙي قومي شاهراهه پراڻي ٽول پلازه ويجهو اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ ٽرڪ نمبر JT0493 تي ڇاپو، ڪروڙين روپين جي ماليت جي قيمتي نوادرات برآمد، ڊرائيور گرفتار، خبر موجب سپريڊنٽ ڪسٽم اينڊ انٽيلي جنس پوليس سکر ڊويزن عبدالرزاق سميجو ڊائريڪٽر آثار قديمه سيد محمد شاهه بخاري جي سان گڏ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته 20 فيبروري تي چيڪنگ دوران اسلام آباد کان ڪراچي ويندڙ هڪ ٽرڪ جي تلاشي ورتي ته ڪنٽينر مان گنڌارا دور جون 50 قديمي مورتيون ۽ ٻيون نواردرات هٿ ڪري ورتيون، ٽرڪ ڊرائيور محمد اشتياق کي گرفتار ڪري سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪندي جيل اماڻيو ويو، جنهن کان پوءِ هو ضمانت ڪرائي آزاد ٿي ويو، عبدالرزاق سميجو چيو ته اسان جي پوليس قيمتي نواردرات جي اسملنگ کي روڪڻ جي لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي، جيڪڏهن انهن مورتين کي هٿ نه ڪيو وڃي ها ته انهن کي پر ڏيهه ۾ مهانگي اگهه ۾ وڪرو ڪيو وڃي ها، پر اسان جي فورس بروقت قدم کڻي قديمي نوادرات کي وڪرو ٿيڻ کان بچائي ورتو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button