مختصر خبرون

سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ڪچن ملازمن جو مظاھرو جاري

بيورو رپورٽ ، سکر
سکر غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي ڪچن ملازمن کي ريگولر نه ڪرڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهري وارو سلسلو جاري رکيو ملازمن نثار احمد، عرفان کوسو، غلام اصغر ۽ ٻين ڪاليج ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ميڊيا کي ٻڌايو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ اسين 9 2 ملازم جنهن ۾ 8 عورتون به شامل آهن، اسان هڪ سال کان 5 هزار ماهوار پگهار تي ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ اسان کي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل ۾ ڪم ڪرڻ تي ڀرتي ڪيو ويو هو، پر ڪجهه عرصي کان ڪي ماڻهو ماحول کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ ڪم ڪندڙ ملازمن کي ڪڍي ڪري من پسند ماڻهن کي ڀرتي ڪرڻ چاهين ٿا، ۽ ڪاليج انتظاميا به انهن ماڻهن اڳيان بي وس نظر اچي رهي آهي، هنن سکر جي چونڊيل نمائندن سيد خورشيد احمد شاهه، نعمان اسلام شيخ سميت سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۾ هڪ سال کان ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي ريگولر ڪيو وڃي، ۽ ڪاليج اندر ماحول کي خراب ڪندڙ ماڻهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي، هنن چيو ته جيڪڏهن ڪاليج انتظاميا اسين ڪچن ملازمن کي ڪڍيو ته ڪاليج انتظاميا خلاف ڪورٽ ۾ وينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button