مختصر خبرون

سکر: عورت پاڻ سان ٿيڻ واري فراڊ جي خلاف سکر پريس ڪلب پهچي وئي

سکر: پنوعاقل جي عورت پاڻ سان ٿيڻ واري فراڊ جي خلاف سکر پريس ڪلب پهچي وئي، سکر پريس ڪلب تي عورت مسمات حليمان زال حاجي غلام نبي منڱڻهار ميڊيا کي ٻڌايو ته صحت کاتي سکر ۾ دائي جي پوسٽ جي لاءِ ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جنهن جو مان انٽرويو به ڏنو هيو، جنهن تي مون کي علائقي جي هڪ شخص جيڪو پاڻ وفاقي وزير ۽ ايم اين اي جو علائقي ۾ نمائندو سڏرائيندو هو، ان نوڪري جي لاءِ مون کان 50 هزار روپين جي رقم ورتي، ۽ مون کي آرڊر ڏيارڻ بدران پنهنجي گهرواري جنهن جو نالو به حليمان آهي آرڊر ڏياريو، مسمات حليمان ٻڌايو ته غربت ۾ ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ بدران مان دائي ٿيڻ قبول ڪيو هو، پر مون سان فراڊ ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته ساڻس انصاف ڪيو وڃي ۽ نوڪري تي ان جو حق آهي، جيڪو ان کي ڏنو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button