سکر

سکر: عورت جو ريلوي پوليس اھلڪار خلاف احتجاج

بيورو رپورٽ، سکر
Woman protesting (257x300)سکر ۾ محرابپور جي رهائشي عورت جو ريلوي پوليس اهلڪار پاران ٽي هزار روپيا رشوت گهرڻ تي عورت پاران انڪار ڪرڻ تي ريلوي ڪواٽر کان ڪڍي ڇڏيو، عورت مسمات گلشن کوکر پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته محرابپور ريلوي اسٽيشن ڀرسان ريلوي ڪواٽر ۾ رهائشي آهيان جتي ريلوي پوليس اهلڪار پاران ٽي هزار روپيا رشوت گهري، رشوت جي انڪار ڪرڻ تي ڄاڻايل اهلڪار پاران ريلوي ڪواٽر مان ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ دربدريءَ جي زندگي بسر ڪري رهي آهيان، ڪواٽر ۾ قيمتي سامان وغيره پيو آهي جيڪو ريلوي اهلڪار ڏيڻ کان انڪار ڪري رهيو آهي، هن ايس پي ريلوي ۽ ريلوي اختيارين کان مطالبو ڪيو ته محرابپور ريلوي پوليس اهلڪار خلاف ڪارروائي ڪري ڪواٽر حوالي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button