اليڪشن 2013سکر

سکر :صنم فقير اليڪشن جي ميدان ۾

بيورورپورٽ ،سکر

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
صنم فقير پاران صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس ون تان چونڊون وڙهڻ جي لاءِ پنهنجا ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرائي ڇڏيا، سکر جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس ون تان جتي مختلف پارٽين جي اميدوارن پنهنجا ڪاغذات نامزدگي جمع ڪريا آهن اتي صنم فقير ويلفيئر ٽرسٽ جي سربراهه صنم فقير به پنهنجا ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرايا آهن، ڪاغذات نامزدگي هن پنهنجي ساٿين سان گڏ ريٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ جمع ڪرايا ان موقعي تي معذور ويلفيئر ايسوسيئيشن سکر ضلعي جي صدر شاهنواز ڪانڌڙو پاران سندن حمايت جو اعلان ڪيو، صنم فقير ڪاغذات نامزدگي جمع ڪرائڻ کان پوءِ ميڊيا سان گفتگو ڪندي چيو ته انشاءَ الله عوام جي طاقت سان چونڊون وڙهنداسين ۽ ڪامياب ٿي ڪري غريب عوام تائين پهچنداسين، جن وٽ اڄ تائين ڪوئي ناهي آيو، هن چيو ته اسان پاڻ مظلوم آهيون ان لاءِ اسان کي مظلومن جو احساس آهي ڪامياب ٿي ڪري امن وامان قائم ڪنداسين، ۽ اهڙو ڪم ڪنداسين جيڪو اڄ تائين ڪنهن نه ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button