مختصر خبرون

سکر: تعليم ڄاڻ لاءِ سيمينار منعقد ٿيو

بيورو رپورٽ، سکر
بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائي سوشل ويلفيئر اسوسيئيشن ۽ ٻين تنظيمن پاران ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال سکر ۾ تعليم ڄاڻ لاءِ سيمينار ٿيو، جنهن جو خاص مهمان پراونشنل ڊائريڪٽر بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي غلام نبي سيال هو، سيمينار ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر محمد معروف ٻانڀڻ، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اختر حسين ميمڻ، ڊسٽرڪٽ ڪو آرڊينيٽر غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلبر ميراڻي ۽ نواب علي سمون سميت ٻيا اڳواڻ شامل هئا، جن سيمينار ۾ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي استادن سکر سان تعلق رکندڙ سوين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جا اسڪول سنڌ سميت سکر ضلعي ۾ سٺي طريقي سان استاد ۽ ماسترياڻيون پنهنجي محنت سان ڪم ڪري رهيون آهن، هنن چيو ته 6 9 9 1 ع کان هلندڙ تعليمي پروجيڪٽ هاڻي پروگرام ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جنهن ۾ استاد ۽ ماسترياڻين جو پگهارون 8 هزار مقرر ڪئي وئي آهي، هنن چيو ته اهڙي تعليمي پروجيڪٽ کي پوري ملڪ ۾ هلائڻ لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو، جنهن جي خواب کي صدر پاڪستان پورو ڪرڻ لاءِ پروگرام ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته تعليم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ صدر پاڪستان آصف علي زرداري ۽ وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه جي خواهشن سان بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي استادن ۽ ماسترياڻين کي ريگيولر ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته سنڌ سميت سکر ضلعي ۾ بيسڪ ايجوڪيشن ڪميونٽي جي اسڪولن ۾ هزارين ٻار هر سال پهرين کان پنجين تائين پاس ٿيندا آهن، هنن چيو ته اهڙي اسڪولن جي استادن توڙي ماسترياڻين کي به گهرجي ته هر ٻار کي تعليم جهڙي زيور سان سينگارين ته جيئن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو خواب پورو ٿي سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button