مختصر خبرون

سکر: بي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو باندي بڻايل 10 سالن جو ٻارڙو بازياب

عمر سومرو،سکر
سکر۾ بي سيڪشن ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، 5 ڏينهن کان باندي بڻايل 10 سالن جو ٻارڙو بازياب خبرموجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر جي عدالت ۾شهر جي علائقي گڏاڻي ڦاٽڪ جي رهندڙ شمس الدين کوسو ايڊوڪيٽ قربان علي شر معرفت داخل ڪرايل درخواست ڄاڻايو ته سکر بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس ان جي 10 سالن جي پٽ امتياز کي بنا ڪنهن جواز جي گهرمان گرفتار ڪري گذريل 5 ڏينهن کان لاڪ اپ ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پنجين ڪلاس جو شاگرد آهي پوليس ان سان ملاقات به نه ٿي ڪرڻ ڏئي ۽ پوليس ان جي پٽ کي ڌاڙي ۾ ملوث ڄاڻائي آزادي لاءِ پئسن جي گهر ڪري رهي آهي مان غريب روهڙي ريلوي اسٽيشن تي قلي طور پورهيو ڪندو آهيان عدالت ٻچڙي جي زندگي بچائي ان جو مستقبل تباهه ٿي ويندو جنهن بعد عدالتي حڪم هيٺ نينگر کي بازياب ڪرايو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button