سکر

سکر: اي سيڪشن ٿاڻي تي حساس اداري جي اهلڪارن جو حملو

بيورورپورٽ ، سکر

اي سيڪشن ٿاڻي تي حساس اداري جي اهلڪارن جو حملو
اي سيڪشن ٿاڻي تي حساس اداري جي اهلڪارن جو حملو
سکر۾ رياستي دهشگردي اي سيڪشن ٿاڻي تي حساس اداري جي اهلڪارن جو حملو ،ٿاڻي ۾ گرفتار روپوش ڏوهاري وزير ملڪ کي لاڪ اپ ٽوڙي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش، پوليس اهلڪارن تي تشدد، اهلڪار زخمي سرڪاري اسلحو، ٽوڙيو ويو، ٿاڻي تي حملي جي ڪوريج جي لاءِ ويل صحافين ۽ ڪيمرامينن تي تشدد، 8 صحافين ۽ ڪيمرامين تشدد ۾ زخمي، ڪيمرايون کسيون ويون،رياستي اداري جي اهلڪارن ٿاڻي جي وڏي منشي سميت 6 پوليس اهڪار کي کنڀي وئي، واقعي خلاف صحافين جو اي سيڪشن ٿاڻي آڏو پنج ڪلاڪ ڌرڻو 24 ڪلاڪن اندر ڪيس داخل نه ٿيڻ جي صورت۾ سخت احتجاج ۽ ڪورٽ وچڻ جو چتاءُ.چيف جسٽس ۽ آرمي چيف کان نوٽيس وٺڻ جي گهر ،سياسي سماجي ڌرين جي مذمت خبر موجب سکر جي ويجهي تاريخ ۾ پهريون پهريون رياستي دهشتگري جي وڏي ڪاروائي ان وقت عمل ۾ آئي جڏهن سکر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي ڏينهن ڏٺي سادا ڪپڙا پهريل حساس اداري ايم آءِ جي اهلڪارن حملو ڪري اي سيڪشن ٿاڻي تي مقرر اهلڪارن کي يرغمال بڻائڻ بعد لاڪ اپ مان گرفتار روپوش ڏهاري وزير ملڪ کي آزاد ڪرائڻ لاءِ لاڪپ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ان دوران حساس اداري جي اهلڪارن پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻائيندي سرڪاري هٿيار به ٽوڙي ڇڏيا اي سيڪشن ٿاڻي تي حملي جي جئين خبر صحافي ۽ ڪيمرا مينن کي ملي ته ڪوريج جي لاءِ ويل صحافين ۽ ڪيمرا مينن تي حساس اداري جي اهلڪارن حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ 8 صحافي ۽ ڪيمرامين شديد زخمي ٿي پيا ۽ کائن ڪيمرائون ڦرڪيون ويون حساس اداري جي اهلڪارن روپوش ڏهاري وزير ملڪ کي لاڪپ ٽوڙي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاته فوري طور تي اضافي نفري جي پهچڻ بعد حساس اداري اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو بعد ۾ رياستي اهلڪارن اي سيڪشن ٿاڻي جي وڌي منشي سڪندرشيخ،اهلڪارن قمرالدين،احمد علي جاويد اعجاز ۽ منظور سميت 6 ڄڻن کي کنڀي ويا اطلاع آهن ته اي ايس پي سٽي پنهنجي اهلڪارن کي ڇڏرائڻ بدران سندن فرمائش تي روپوش جوابدار به حوالي ڪيو اهڙي عمل تي صحافي برادري سراپا احتجاج بڻجي وئي ۽ ميڊيا سان تعلق رکندڙن جي وڏي انگ سکر بئراج روڊ تي اي سيڪشن ٿاڻي آڏو پنج ڪلاڪ کان لاڳيتو احتجاجي ڌرڻو هڻي ظلم خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي ان دوران سکر پريس ڪلب جي صدر لالا اسد پٺاڻ ۽ جنرل سيڪريٽري ممتاز بخاري،امداد بوزدار،جاويد ميمڻ،شهزاد تاباڻي،شبيرڀٽو جي اڳواڻي ۾ صحافين پوليس کي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ چيو ته پوليس اهلڪارن ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن بعد پريس ڪلب جي عهديدارن ٿاڻي آڏو سپريم ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ چيف آف آرمي اسٽاف کان مطالبو ڪيو ته سکر واقعي جو نوٽيس وٺي ايم آءِ اهلڪارن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي هوڏانهن سکر پريس ڪلب ۾ صحافين جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾اعلان ڪيو ويو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو ته صحافي سخت سراپا احتجاج بڻجي ڪورٽ جو در کڙڪائڻ تي مجبور ٿي ويندا ڌرڻي ۾ سکر جي سياسيي سماجي اڳواڻن مولانا عبيدالله ڀٽو، عبدالحق مهر ،مشرف محمود قادري،ڊاڪٽر سعيد اعواڻ ۽ ٻين شرڪت ڪري يڪجهتي جو اظهار ڪيو اڳواڻن چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته خود پوليس اهلڪارن سان رياستي ادري وارن ظلم ڪيو جن خلاف ايف آءِآر داخل نه ڪرڻ کل جوڳي ڳالهه آهي ۽ الٽو اي ايس پي گرفتار جوابدارن کي ڇڏي ڏنو
حساس اداري جي اھلڪارن پاران ڦوٽو جرنلسٽ ابراھيم سومراڻي تي تشدد
حساس اداري جي اھلڪارن پاران ڦوٽو جرنلسٽ ابراھيم سومراڻي تي تشدد
سکر، سکرواقعي کانپوءِ ايم آءِ سکر جي ڪرنل انوار پريس ڪلب جي صدر لالا اسد پٺاڻ سان رابطو ڪري ڳالهين جي آڇ ڪئي جنهن کانپوءِ لالااسد، ممتاز بخاري ۽ شهزاد تاباڻي تي ٻڌل 3رڪني وفد سندن آفيس پهچي ڳالهيون ڪيون ان دوران ڪرنل انوار صحافين مٿان ٿيندڙ واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي معذرت ڪئي ۽ هن يقين ڏياريو ته آفيسر پريس ڪلب پهچي صحافين سان ٿيل زيادتي تي معذرت ڪندو ۽نقصان جو ازالو ڪيو ويندو
سکر ،اي سيڪشن ٿاڻي تي حملي وارو معامرو ،گرفتار ڪيل وزير ملڪ اي سيڪشن ٿاڻي ٻاهران پوليس پاران لڳايل وڏي بورڊ تي 16۽ 39نمبر تي اشتهاري ڏوهاري طور گهربل آهي جنهن جي آزادي لاءِ ٿاڻي ۾ حملي آورن پاران هوائي فائرنگ ڪئي. معامري جي شروعات بئراج ڪالوني جي رهواسي جميل احمد ڀٽو پاران وزير ملڪ ۽ سندس ساٿي خلاف بئراج ڪالوني ۾ واقع سندس پلاٽ تي قبضو ڪري تعمير ڪرڻ واري فرياد تي اي سيڪشن پوليس ڪاروائي ڪري وزير ملڪ ۽ سندس ساٿي عديل کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو ۽ ڳجهن ادارن جي اهڪارن ٻنهي ڄڻن کي ڇڏرائڻ لاءِ ٿاڻي تي حملو ڪيو ۽ لاڪپ ٽوڙي وزير ملڪ ۽ سندس ساٿي عديل کي آزاد ڪرائي ورتو جاويد ڀٽو ميڊيا کي ٻڌايو ته جيئن ئي قبضو ڪندڙن جي گرفتاري عمل ۾ آئي ته ڳجهي اداري جي ميجر رياض شاهه جي اڳواڻي ۾ اهلڪارن تعميراتي ڪم واري هنڌ تي مونکي يرغمال بڻائي سون جي واپاري منظور ڀٽو کي کڻي ويا جنهن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو موجود ناهي اهڙي واقعي خلاف ڪيس داخل ڪرئڻ لاءِ شاهد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڀٽا برادري جي ماڻهن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو
سکر، سکر بئراج ڪالوني جي ايس ڊي او کي ڳجهن ادارن جي اهلڪارن پاران کڻي وڃڻ خلاف آبپاشي ملازمن ، عبدالوحيد خادم کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ آفيسن جي تالابندي ڪري بئراج تي ڌرڻو هنيو هنن چيو ته هاڻي رياستي برداشت نه ڪيو ويندو اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن.
صحافي ۽ سياسي سماجي پارٽين جا ڪارڪن بئراج روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويٺيل
صحافي ۽ سياسي سماجي پارٽين جا ڪارڪن بئراج روڊ تي ڌرڻو ھڻي ويٺيل

سکر، اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪوريج دوران ڳجهن ادارن جي اهلڪارن جي تشدد ۾ فوٽو گرافر ابراهيم سومراڻي کي نڪ، چهري ۽ پاسي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب بيهوشي واري حالت ۾ سکر سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته فوٽوگرافر قذافي شاهه، ، بابر کوکر علي ڏنو شاهه ۽ ٻين کي پڻ تشدد جو نشانو بڻايو ويو واقعي ٿيڻ بعد فوٽو جرنلسٽ صدر رئيس ابڙو،صحافي عبيد شيخ محمد ايوب،شڪيل عاجز ، ۽ ٻين پهچي اي سيڪشن ٻاهران ڌرڻي جي شرعات ڪئي جنهن بعد سمورا صحافي پهتا ۽ڌرڻي دوران شهرين جي وڏي انگ ۾ شامل ٿي ويا ڌرڻي ۾ ميونسپل پورهيت اڳواڻ علي مردان شيخ، واپاري اڳواڻ جاويد ميمڻ،پ پ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ سراج ميراڻي ۽ ٻيا سياسي سماجي اڳواڻ پهتا.
سکر، رياستي اداري جي اهلڪارن پاران اي سيڪشن ٿاڻي تي حملو ڪري پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ، واري واقعي جو جي ايڇ ڪيو نوٽيس وٺندي کاتي وار اعلى سطحي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي ۽ڳجهن ادارن جي اهلڪارن کان رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي ته اهڙي قسم جي ڪاروائي تي ڪنهن جي چوڻ تي ڪئي وئي
سکر، اي سيڪشن ٿاڻي تي حملي واري معامري تي ايس ايس پي سکر پير محمد شاهه چيو ته واقعو افسوسناڪ آهي ڪنهن کي نه قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي واقعي تي انڪوائري لاءِ ايس پي هيڊ ڪواٽر مفخر عديل کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪندي عيني شاهدن ۽پوليس اهلڪارن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي .
سکر، سکر جي مين صدر ٿاڻي اي سيڪشن تي ڏينهن ڏٺي جو بنا وردي جي اهڪارن پاران داخل ٿي فائرنگ ڪري اهلڪارن مٿان تشدد ڪري گرفتار ڪيل ماڻهن جي آزاد ڪرائڻ واري معاملي تي سکر واسين انتهائي حيرت جو اظهار ڪيو آهي سڄو ڏينهن شهر ۾ ايجنسين جي اهلڪارن بابت ماڻهن ۾ تبصرا هلندا رهيا ٿاڻي تي جيئن هوائي فائرنگ ڪئي وئي ته ڀرپاسي جون دڪانون بند ٿي ويون
اشتھاري ملزم وزير ملڪ جو نالو لسٽ ۾ شامل
اشتھاري ملزم وزير ملڪ جو نالو لسٽ ۾ شامل

سکر،اطلاع آهن ته اي سيڪشن ٿاڻي تي حملي بعد ٿاڻي اندر ڳجهن ادارن جي اهڪارن اي ايس پي سٽي عبدالرحيم شيرازي کي يرغمال بڻائي چيو ته اوهان کي جرئت ڪيئن ٿي جو ڪرنل صاحب جي باورچي وزير ملڪ ۽ سندس ساٿي کي گرفتار ڪيو جنهن تي اي ايس پي کين منٿون ڪندي ٽارڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو بعد ۾ هوبد مست ٿي اهلڪارن تي تشدد ڪندا رهيا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button