مختصر خبرون

سکر: آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران احتجاجي جلسو

بيورو رپورٽ، سکر
آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين پاران يوم مطالبات جو احتجاجي جلسو محمد بن قاسم پارڪ ۾ منعقد ڪيو ويو، ۽ ريلي ڪڍي وئي، جنهن کي يونين جي زونل چيئرمين سيد زاهد حسين شاهه، عبدالحليم آخوند ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته واپڊا ملازمن جي اپ گريڊيشن ڪئي وڃي، واپڊا ۾ ڀرتي ملازمن جي ٻارن جي 3 3 فيصد ڪوٽه مقرر ڪئي وڃي، واپڊا کاتي ۾ سي بي اي يونين جو تعين ڪرڻ جي لاءِ ريفرينڊم جو اعلان ڪيو وڃي، ۽ ٻيا مطالبا پيش ڪندي حڪومت کي چيو ويو ته واپڊا ملازمن جا مطالبا جلد تسليم ڪيا وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button