مختصر خبرون

سکر:ڪار پارڪ ڪرڻ تان وڪيل ۽ميڊيڪل ريپ وڙهي پيا

بيورورپورٽ، سکر
سکر ۾ ڪار پارڪ ڪرڻ تان وڪيل ۽ميڊيڪل ريپ وڙهي پيا، ٽي ڄڻا زخمي هڪ ڄڻو گرفتار ،خبر موجب ڪالهه سکر بئراج ڀرسان انٽرپاڪ هوٽل ۾ سکرغلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ۽ ٻين ڪاليجن پاران سمپوزيم جو پروگرام ٿيو جنهن ۾ شرڪت لاءِ هڪ وڪيل احمد يحيٰ ميمڻ جڏهن گاڏي پارڪ ڪئي ته گاڏي جو سائيڊ وارو شيشو ٻي گاڏي سان ٽڪرائجي ويو ان دوران ميڊيڪل ريپ منظور ڀٽو ۽ وڪيل احمد يحيٰ ميمڻ جي ڊرائيور وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو اهڙي اطلاع تي ڊاڪٽر الطاف ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽرن ۽ ميڊيڪل ريپس پهچي خيرپور سان تعق رکندڙ منظور لاڙڪ . ۽ محمد علي شهواڻي وچ ۾ منهن ماري ٿيندي رهي پوليس پهچي جهيڙي کي ٽاري وڌو مارڪٽ دوران ميڊيڪل ريپ مور علي سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي سول اسپتال سکر پهچايو ويو پوليس ميڊيڪل ريپ منظور ڀٽو کي حراست ۾ وٺي اي سيڪشن ٿاڻي تي وٺي وئي واقعي کان پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بار جي صدر قربان ملاڻو ۽ ٻيا وڪيل پهتا پر ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب نه ٿيون ڊاڪٽر الطاف ميراڻي ٻڌايو ته وڪيل برادري جي ماڻهن حملو ڪري ميڊيڪل ريپ کي زخمي ڪيو آهي معمولي جهيڙي کانپوءِ هنن منهنجي مٿان به حملو ڪري ڏنو جنهن جي ڪري ڊاڪٽر الطاف شيخ ۽ هڪ ميديڪل ريپ کي شديد ڌڪ لڳا آهن هوڏانهن ڊاڪٽرن۽، پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button