اليڪشن 2013سکر

سڄي ملڪ ۾ نئي تڪ بنديون مشڪل ڪم آهي، خورشيد شاهه

بيورورپورٽ ، سکر

فائل ڦوٽو
فائل ڦوٽو
پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ نئي تڪ بنديون مشڪل ڪم آهي، پر الگ الگ تڪ بنديون ٿينديون رهيون آهن، ڪراچي ۾ تڪ بنديون ختم ڪرڻ ايگزيڪيٽو جو پاور نه آهي سپريم ڪورٽ جي حڪم آهي جنهن تي اليڪشن ڪميشن کي اهو سوچڻ گهرجي ته اليڪشن ڪميشن آزاد ۽ غير جانبدار آهي في الحال اهڙو ڪجهه به سامهون نه آيو آهي جنهن ۾ ان جي جانبداري ظاهر ٿئي، نگران وزير اعظم جي حوالي سان ان جو فيصلو وڏو ۽ واضح آهي، الطاف حسين ته سڀ کان پهريان اليڪشن ڪميشن کي مبارڪباد ڏني هئي ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه هيو ان جي ڪليئرفڪيشن جي ضرورت آهي اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچي کان سکر پهنچڻ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو هن چيو ته نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ اسان جي هر ڪارڪن جو حق آهي جنهن جي ٽڪٽ يا عهدي جي لاءِ نامزد ڪرڻ پارٽي جو حق آهي هن چيو ته امن و امان جي مسئلو اڄ جو نه آهي اهو مسئلو ڏهن ٻارهن سالن کان وٺي آهي پر ڪنٽرول جي لاءِ نگران حڪومت ضرور ڪوشش ڪندي هن جو چوڻ هو ته پهريون ته چيو ويندو هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ٽن مهينن تائين به نه هلي سگهندي وري چيو ويو ته اليڪشن نه ٿيندي پر اليڪشن ٿي رهي آهي شيڊول به اچي چڪو آهي منهنجي لاءِ يا ڪنهن ٻئي جي لاءِ عهدي جو فيصلو پارٽي ڪندي اهو فيصلو ڪوئي به شخص نه ٿو ڪري سگهي هنن چيوته سيٽ ايڊجسٽمنٽ ۽ اتحاد جي ڳالهيون ته اليڪشن جي آخري ڏينهن تائين هلنديون رهنديون آهن جڏهن ته سکر پهچڻ تي سندس پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن شاندار استقبال ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button