مختصر خبرون

سيٺارجا: روهڙي ڪئنال ۾ زال مڙس ٽپو ڏئي ڇڏيو

هنڱورجا ٿاڻي جي حد روهڙي ڪئنال ۾ سيٺارجا جي ڳوٺ محمد صادق ڪٻر جي رهواسي زال مڙس ٽپو ڏئي ڇڏيو مڙس کي زندهه حالت ۾ ڪئنال ۾ ڪڍيو ويو، زال جو اڃان تائين لاش هٿ نه اچي سگهيو گهر ۾ ڪهرام متل لاش جي ڳولها ۾ پوليس انتظاميه ڪي به قدم نه کنيا
تفصيل موجب سيٺارجا لڳ ڳوٺ محمد صادق ڪٻر جي نوجوان حسين بخش ڪٻر ۽ سندس زال مسمات عظيمان ڪٻر حضرت سچل سرمست جي درگاهه تي زيارت ڪري واپس ڳوٺ ويندي روهڙي ڪئنال وٽ موٽر سائيڪل بيهاري ٻنهي زال مڙس ڪئنال جي پل وٽان ٽپو ڏنو جنهن تي اتي بيٺل ماڙواڙي برادري جي ماڻهن حسين بخش کي ڪئنال مان ٻاهر ڪڍي ورتو جنهن کي بيهوشي جي حالت ۾ سيٺارجا جي مقامي اسپتال ۾ آندو ويو جڏهن ته مسمات عظيمان جو لاش ڪوششن باوجود هٿ نه اچي سگهيو آهي چيو وڃي ٿو ته ٻنهي جي ٽي مهينا اڳ شادي ٿي هئي ۽ ٻئي ڪالهه موٽر سائيڪل تي درازا وڃي سچل سائين جي زيارت ڪري واپس اچي رهيا هئا ته روهڙي ڪئنال وٽ مسمات عظيمان حسين بخش کي گاڏي روڪڻ ۽ سندس جي چپل ڪري پوڻ جو چيو جنهن تي گاڏي جي بيهڻ شرط عظيمان روهڙي ڪئنال جي پل وٽان ٽپو ڏئي ڇڏيو ان پٺيان حسين بخش به ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو اهڙي اطلاع تي علائقي جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ ڪئنال تي پهچي ٻڏي ويل لاش جي ڳولها ڪئي پر آخري اطلاع تائين مسمات عظيمان جو لاش هٿ اچي نه سگهيو آهي هوڏانهن ڳوٺ محمد صادق ڪٻر ۾ زال مڙس جي ٽپو ڏئي خودڪشي ڪرڻ واري واقعي سبب سوڳ واري فضا قائم ٿي وئي آهي ۽ سندن جي گهر ۾ ڪهرام متل آهي. ٻئي پاسي هنڱورجا توڙي سيٺارجا پوليس اڃان تائين لاش جي ڳولها ڪرڻ ۾ ڪي به قدم ناهن کنيا.

ٽيگس

لاڳاپيل مضمون

Back to top button
Close