زراعتھنڱورجا

سنڌ ۾ ٽالهي (ٽاري) جو وڻ ناياب ٿي ويو

سنڌ ۾ ٽالهي (ٽاري) جو وڻ ناياب ٿي ويو
سنڌ ۾ ٽالهي (ٽاري) جو وڻ ناياب ٿي ويو
هنڱورجا: سنڌ ۾ ٽالهي (ٽاري) جو وڻ ناياب ٿي ويو شاخن ، واهن ۽ ٻين هنڌن تي پوکيل ٽاري جي وڻن جي اريگيشن کاتي جي عملدارن ڪٽائي ڪرائي وڻن جو صفايو ڪرائي ڇڏيو ڏهه سال اڳ شاخن ۽ واهن تي ٽاري جا وڻ پوکايا ويندا هئا جيڪي هاڻي ٽاري بدران ٻٻر جو وڻ پوکايو وڃي ٿو ٽاري جو ڪاٺ انتهائي قيمتي هجڻ ڪري هاڻي ان جو اگهه تمام چوٽ چڙهي ويو.
تفصيل موجب سنڌ ۾ ٽاري جو وڻ ناياب ٿي وڃڻ ڪري تمام گهٽ جڳهن تي نظر اچي ٿو جنهن ڪري ٽاري جي ڪاٺ جو قيمتون چوٽ چڙهجي ويون آهن ڏهه سال اڳ سنڌ جي شاخن ۽ واهن جي ڪنارن تي اريگيشن کاتي پاران ڪپرن جي مضبوطي لاءِ ٽاري جا وڻ پوکيا ويندا هئا جيڪو سلسلو ذري گهٽ ختم ٿي ويو آهي جڏهن ته ڏهه پندرنهن سال اڳ شاخن ۽ واهن جي ڪنارن تي پوکيل ٽاري جي وڻن کي ڪرپٽ آبپاشي عملي ڪٽرائي شاخن جي وڻن جو صفايو ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وڻن جي پوکائي جي ڪري شاخن جا ڪپر مضبوط ٿين ٿا جيڪي پڻ وڻن نه پوکجڻ جي ڪري ڪمزور ٿي وڃن ٿا جڏهن ته ڪجهه شاخن ۽ واهن تي ٽاري بدران ٻٻر جا وڻ پوکيا ويا آهن ٽاري جو وڻ ناياب ٿيندو پيو وڃي جڏهن ته ٽاري جو ڪاٺ انتهائي قيمتي هجي ٿو هن ڪاٺ مان جڳهين، بنگلن، ادارن جي در درين ، کان سواءِ فرنيچر ، کٽن ، پلنگن، الماڙين، دڪانن جي ڦٽنگن کان سواءِ ڪيترن ئي ڪمن ۾ استعمال ٿئي ٿو. ٽاري جي وڻ جي ڇانو پڻ بهترين ٿئي ٿي اونهاري جي موسم ۾ هاري ڪم دوران زمين ۾ پوکيل ٽاري جي وڻ هيٺيان ويهي ٿڪاوٽ دور ڪن ٿا. هن ڏس ۾ هاري اڳواڻ لونگ خان حطار، دين محمد چانگ ۽ ٻين ٻڌايو ته ٽاري جو وڻ ناياب ٿيندو وڃي ٿو جيڪو قيمتي وڻ آهي ان وڻ جي نسل کي بچائڻ لاءِ حڪومت کي کپي ته سنڌ جي شاخن ، واهن ۽ روڊن جي ڪنارن تي وڏي پيماني ٽاري جا وڻ پوکايا وڃن. ته جيئن ٽاري جو نسل به بچي پوي ، شاخن، واهن جا ڪپر به مضبوط ٿين ۽ ماحول جي آلودگي ختم ٿيڻ سان گڏوگڏ ماحول خوشگوار به ٿي پوي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button