مختصر خبرون

سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏني پئي وڃي، ڪيهر انصاري

هنڱورجا: جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڪيهر انصاري هنڱورجا ۾ ڪراچي عباس ٽائون سانحي ۾ شهيد جسقم اڳواڻ عبيدالله سومرو جي تڏي تي پهچي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي هٿي ڏني پئي وڃي جڏهن ته سنڌ صوفين ۽ دوريشن جي سرزمين آهي ان ۾ بم ڌماڪا ڪرايا پيا وڃن جيڪي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيا ويندا شهيد عبيدالله سومرو سائين جي ايم سيد جو سچو پيرووڪار ۽ سپاهي هيو ان جي ڏنل قرباني ڪڏهن به رائگان نه ويندي هن چيو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪير پيو ڪرائي اها ڳالهه هاڻي ڪنهن کان به ڳجهي ناهي رهي پر ان باوجود دهشتگردن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ بدران انهن کي ڇوٽ ڇڏيو ويو آهي هن سان گڏ جسقم جو اڳواڻ علي عثمان ميمڻ ، لالڻ ويسر، نظير لنڊ، فياض سولنگي، يوسف ميمڻ ۽ ٻيا گڏ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button