سنڌ ۾ انجنيرئنگ،ميڊيڪل ۽ جنرل يونيورسٽين جو ڄار وڇايو ويو، قائم علي شاهه
خيرپور: سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو آهي ته،خيرپور ۾ کوليل مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي جي ڪئمپس سان تر جي نه رڳو تعليمي ترقي ٿيندي پر،سڄي علائقي جي سماجي ۽ معاشي ترقي پڻ ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرڪٽ هائوس خيرپور ۾ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس جي سول انجنيئرنگ،پيٽروليم اينڊ نيچرل گئس شعبي جي نئين عمارت جي افتتاحي ۽ اليڪٽريڪل شعبي، سينٽرل لائبريري،ڪيفي ٽيريا ۽ شاگردن ۽ اسٽاف لاءِ رهائش ۽ اسپورٽس ڪامپليڪس جي نئين عمارت جي سنگِ بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته موجودهه جمهوري حڪومت پنهنجي دور ۾ جيترا اعليٰ تعليمي ادارا کوليا آهن،ايترا ملڪي تاريخ جي ڪنهن به حڪومت ۾ ناهن کليا. هن چيو ته سنڌ ۾ انجنيرئنگ،ميڊيڪل ۽ جنرل يونيورسٽين جو ڄار وڇايو ويو آهي،جن سان سنڌ ۾ تعليمي انقلاب ايندو.سنڌ جي وڏي وزير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان حڪومت ڪرڻ نه پر تاريخ ٺاهڻ لاءِ عوام جي ووٽ سان چونڊجي ايوانن ۾ پهچڻ واري پارٽي جا ڪارڪن آهيون،جڏهن جڏهن به پيپلز پارٽي حڪومت ۾ آئي آهي ته،سڄي ملڪ ۽ خاص طور سنڌ ترقي ڪئي آهي.ان کان اڳ مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي خيرپور ڪئمپس جي پرو وائس چانسلر ۽ ملڪ جي نامور انجنيئر غلام سرور ڪنڌر سنڌ جي وڏي وزير کي ڪئمپس ۾ جاري ترقياتي رٿائن ۽ تدريسي سرگرمين بابت جامع پريزنٽيشن ڏني،جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير اطيمينان جو اظهار ڪيو.