سکر

سنڌ ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، حسين هارون

بيورورپورٽ ،سکر
Abdullah-Hussain-Haroon-ناليواري سياستدان ۽ اقوام متحده ۾ مقرر پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين هارون چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽ وڪرو ڪرڻ واري معاملي تي ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن سنڌ ڌرتي جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلزپارٽي عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ بجاءِ سنڌ جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهي آهي جهموري حڪومت لاءِ عوام قربانيون ڏنيون پر موجوده حڪمرانن عوام جي خوشحالي لاءِ ڪم ڪرڻ بدران مفاهمت ۽ پنهنجي مفادن کي ترجيع ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جون حالتون بدترين ٿي ويون هن چيو ته ايندڙ چونڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ تڪڙا اپاءَ ورتا وڃن ايندڙ وقت م سنڌ اندر سياسي اتحاد جڙڻ سان مفاهمت ڪندڙن لاءِ مشڪلاتون پيدا ٿينديون هينئر حڪومت جي خاتمي کانپوءِ ايندڙ نگران سيٽ اپ ۾ به ماضي جا حڪمران اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان سان چونڊون متاثر ٿي سگهن ٿيون

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button