اسلام آباد

سنڌي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي،راجه پرويز اشرف

بيورو رپورٽ، سکر
PRIME MINISTER RAJA PERVEZ ASHRAF TALKING TO THE DELEGATION OF SUKKUR PRESS CLUB AT PM HOUSE, ISLAMABAD ON MARCH 6, 2013.وزير اعظم راجه پرويز اشرف چيوآهي ته اسلام پنهنجي پيروڪارن جي پاڻ آگاهي ۽ زميدارانه روين تي زور ڏئي ٿو ميڊيا سان لاڳاپيلن لاءِ ضروري آهي ته هو حساس معاملن جي رپورٽ ڪرڻ کان اڳ ضروري تصديق ۽ تحقيق ڪن ڇو ته ان سان لکين ماڻهن تي اثر پوي ٿو هن چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ فروغ جي حمايت لاءِ سکر پريس ۽ عمومي طور تي ميڊيا جي ڪردار جي تعريف ڪئي اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ سکر پريس ڪلب جي صدر لالا اسد پٺاڻ جي قيادت ۾ دوري تي ويل صحافين۽ فوٽو جرنلسٽ جي هڪ 25 رڪني وفد وزير اعظم هائوس ۾ ملاقات دوران ڪيو ، ان موقعي تي وفاقي وزير اطلاعات ۽ نشريات قمرزمان ڪائره، وفاقي وزير مذهبي امور سيد خورشيد احمد شاهه، وفاقي وزير براءِ سياسي امور مولابخش چانڊيو به موجود هيا، وزير اعظم راجه پرويز اشرف وڌيڪ چيو ته ان کي سنڌي پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ اچي ٿي ۽ سنڌي اخبارن جوهو مطالعو ڪندو رهندو آهي ان موقعي تي سکر پريس ڪلب جي صدر پاران سکر پريس ڪلب لاءِ 105 ملين روپين جي گرانٽ فراهم ڪرڻ تي حڪومت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ آگاهي ڏني ته ڄاڻايل مالي امداد سان سکر پريس ڪلب جي زير تعمير ٿيندڙ پريس ڪامپليڪس ۾ آڊيٽوريم سان گڏ صحافين کي ان جي پيشه واراڻي معاملن کي بهتر انداز سان انجام ڏيڻ لاءِ سهولتن جي فراهمي، تفريح، انڊورگيمز جا انتظام رکيا ويا آهن جڏهن ته پريس ڪلب ڪامپليڪس ۾ هڪ جديد ويڊيو ڪانفرنس جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي جنهن سان سڄي دنيا جي پريس ڪلبن سان گڏ سکر پريس ڪلب کي گڏيو ويندو ۽ دنيا جي ڪنهن به شخصيتن سان، ويڊيو لنڪ جي ذريعي سڌوسنئون سياسي سماجي معاملن تي خيالن جي اظهار جي سهولت ميسر هوندي هن وزير اعظم کي سکر پريس ڪلب جي صحافتي سياسي، سماجي ۽ معاشرتي معاملن تي اثرائتي ڪردار۽ ميمبر صحافين جي فلاح ۽ بهبود لاءِ قائم ڪيل ويلفيئر فنڊز سميت ٻين صحافتي سرگرمين ۽ پيشه واراڻا امور کي انجام ڏيڻ لاءِ صحافين کي درپيش مسئلن بابت به تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button