مختصر خبرون

سنڌي قديمي ٻيٽن جو وڪرو بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي،جيئي سنڌ تحريڪ

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
باڊهه: سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي وڪري ۽ مذهبي ڪٽرپڻي جي خلاف باڊهه ۾ جيئي سنڌ تحريڪ پاران ٽائون هال اڳيان آصف عباسي، مسلم ، ارمان مغل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌجي قديمي ٻيٽن جو وڪرو بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي آهي، هنن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اهي سڀ سازشون يعني ذوالفقار آباد رٿا ٿر جي ڪوئلي جي کوٽائي ۽ سنڌ جي قديمي ٻيٽن جو وڪرو صرف سنڌي ماڻهن کي ٿورائي ۾ تبديل ڪرڻ آهي ۽ هتي اسرائيل جوڙڻ جي ڪوشش آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ هٿرادو بم ڌماڪا ڪرائڻ سنڌ کي مذهبي ڪٽرپڻي جي باهه ۾ اڇلايو پيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button