سکر

روهڙي: جهوپڙين ۾ باهه، گهريلو سامان ۽ قيمتي دستاويز سڙي رک ٿي ويا

بيورو رپورٽ،سکر
Fire in huts (640x197)روهڙي ويجهو غلام بند جي علائقي ۾ جهوپڙين ۾ باهه، گهريلو سامان ۽ قيمتي دستاويز سڙي رک ٿي ويا، علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي قابو آڻي ٻين جهوپڙين کي سڙڻ کان بچائي ورتو، خبر موجب ڇنڇر جي ڏينهن روهڙي جي علائقي غلام بند ۾ رڍَ فارم وٽ رهائشي پيش امام مولوي محمد انور پٺاڻ جي جهوپڙين ۾ اوچتو باهه لڳي وئي جنهن جي ڪري جهوپڙين ۾ موجود کپڙا ۽ هزارين روپين جي ماليت جو سامان ۽ گهر ۾ موجود دستاويز سڙي رک ٿي ويا، جڏهن ته مولوي انور پنهنجي گهر ڀاتين سميت پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، علائقي واسين پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه تي قابو پائي ورتو ۽ وڌيڪ ٻين جهوپڙين کي سڙڻ کان بچائي ورتو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button