ھنڱورجا

روحاني طلبا جماعت پاران تعليم تي سيمينار

Roohani Jamait Tulba Hingorja (640x381)هنڱورجا روحاني طلبا جماعت ضلعي خيرپور پاران ڳوٺ حاجي بخشو خان سولنگي ۾ ”تعليم انسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿي “ جي عنوان هيٺ سيمينار ۽ تقريب مقابلي جو پرگرام ٿيو جنهن ۾ ضلعي جي سڀني يونٽن جي عهديدار ۽ ڪارڪنن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي سيمينار کي مولانا محمد اسحاق شر طاهري، سيد مشتاق احمد شاهه جيلاني، احمد بخش گلال، حافظ حليم الله گلال ۽ ٻين سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته تعليم ئي انسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿي تعليم بنا انسان جانور مثل آهي ان لاءِ تعليم پرائڻ انتهائي ضروري آهي ۽ تعليم جي ذريعي ئي انتهاپسندي ۽ جهالت جي پاڻ پٽي سگهجي ٿي ان لاءِ سڀني ڌرين کي پنهنجو پنهنجو ڪردار ايمانداري ۽ سچائي سان ادا ڪرڻو پوندو . جڏهن ته تعليم انسان ۾ شعور پيدا ڪري ٿي جي عنوان هيٺ تقريري مقابلي ضلعي جي پنجاهه کان وڌيڪ برانچن حصو ورتو جنهن ۾ صوڀوديرو برانچ جي مزمل چنو پهرين پوزيشن ، ٻي پوزيشن موجائي برانچ جي فيض محمد موجائي، ٽئين پوزيشن صوڀوديرو برانچ جي مروت علي شيخ حاصل ڪئي جن کي تنظيمي ايوارڊ ڏنا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button