اليڪشن 2013مختصر خبرون

ذوالفقار علي ڊومڪي پاران پي ايس 18 تان چونڊون وڙهڻ جو اعلان

بيورورپورٽ، سکر
نالي وارو وڪيل ۽ پي پي ڪشمور جو اڳواڻ ذوالفقار علي ڊومڪي پاران پي ايس 18 تان چونڊون وڙهڻ جو اعلان، پاڪستان پيپلز پارٽي ڪشمور جي اڳواڻ ۽ نالي واري وڪيل ذوالفقار علي ڊومڪي چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي شهيدن جي پارٽي آهي، دشمن عناصر طاقت پيپلز پارٽي کي عوام کان دور نٿي ڪري سگهي، جيڪڏهن ملڪ ۾ جمهوريت جو قيام آهي ته اهو پي پي جي بدولت آهي، پي پي هميشه ملڪي مفاد ۽ عوام جي فلاح وبهبود جي لاءِ ڪوششون ڪيون، جيڪڏهن مخالف سمجهن ٿا ته اهي بي بنياد الزام هڻي ڪري پ پ جي ساک کي متاثر ڪندا ته اها انهن جي ڀُل آحي، اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن سکر رهائش گاهه تي بخشاپور ضلعي ۽ ڪشمور کان ملاقات جي لاءِ آيل معززين جي هڪ وفد سان ملاقات جي دوران ڪيو، وفد پاران ڪشمور پي ايس 8 1 صوبائي اسيمبلي سيٽ جي لاءِ ڏنل درخواست جي حوالي سان ان کي مبارڪباد ڏني وئي، ۽ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي، جنهن کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ دفعو ٻيهر عوامي خدمت جي اعتراف ۽ عوامي طاقت سان ڪامياب ٿي ڪري ۽ عوام جي خدمت ۾ مصروف رهندي، جيڪڏهن پارٽي قيادت موقعو ڏنو ته عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button