ڄامشورو

دبئي جي شيخ محمد بن احمدان طرفان ڏنل پکي کيرٿرپارڪ ۽ ھاليجي ڍنڍ ۾ ڇڏيا ويا.

دبئي جي شيخ محمد بن احمدان طرفان ڏنل پکي کيرٿرپارڪ ۽ ھاليجي ڍنڍ ۾ ڇڏيا ويا.
دبئي جي شيخ محمد بن احمدان طرفان ڏنل پکي کيرٿرپارڪ ۽ ھاليجي ڍنڍ ۾ ڇڏيا ويا.
ڄامشورو: دبئي جي امير شيخ محمد بن احمدان طرفان تحفي ۾ ڏنل سوين ناياب پکي سنڌ جي پارڪ ۽ ڍنڍ ۾ ڇڏيا ويا. ان سلسلي ۾ شيخ احمدان جي نمائندي ۽ جنگلي جيوت کاتي جي گڏيل ٽيم نيشنل کيرٿرپارڪ ٿاڻوبولا خان ضلع ڄامشورو جي ايسر پوائنٽ نزد ڪرچات وٽ تقريبن اڍائي سو تَلُور پکي ۽ ھاليجي ڍنڍ ضلع ٺٽو ۾ اٽڪل چار سو بدخون ڇڏيون ويون. ان موقعي تي گفتگو ڪندي شيخ محمد بن احمدان جي نمائندي محمد اسلم بلوچ، وائلڊ لائيف کاتي جي ڪنزرويٽر جي ايم ڀڳت ۽ پارڪ جي ايريا آفيسر بابو پالاري چيو ته سنڌ ۾ ان قسم جي پکين جي فراھمي جو مقصد انھن جي نسل جي دستيابي ۽ بھتر افزائش ڪرڻ آھي، جنھن سان اھڙي ناياب پکين ۾ اضافو اچڻ سان گڏ قدرتي حسن ۾ پڻ وڌارو ايندو. جڏھن ته ٻئي طرف علائقي جي ماڻھن پاران انھي تي انتھائي خوشي جو اظھار ڪيو ويو آھي. س

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button