مختصر خبرون

دادو: درگاهه جڙيل شاهه گھٽي ۾ دوڪان جي مالڪيءَ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو

دادو: دادو شهر ۾ درگاهه جڙيل شاهه گھٽي ۾ دوڪان جي مالڪيءَ تان مــــلاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو تڪرار تيز ٿي ويو. هڪ ڌر پاران دوڪان ڊاهـــڻ جي ڪوشش اڌ دوڪـان ڊاهـــي ڇـــڏيو. مسمات ملڪه زال الياس مــــلاح جو چوڻ آهي ته هي دوڪان منهنجو آهي، هن دوڪان تي ايــــوب مـــلاح قبضو ڪري رهيو آهي. هن قبضو ڪرڻ لاءِ ڀڃ ڊاهه ڪئي آهي.مان غريب مسڪين آهيان. هي منهنجي پراپرٽي آهي. هن مطالبو ڪيو ته اسان سان زيادتي ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.مسلم ليگ (ن) ليڊيز ونگ پاران حسينا لغاري، جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهـــرو ڪيو، ڌرڻو هنيو. ليڊيز ونگ جي اڳواڻ حسينا لغاري جو چوڻ آهي ته ايوب مــلاح پير مظهـــرالحق جو ماڻهو آهي.انڪـــري قبضو ڪرڻ چاهــي ٿو. سيـــاسي انتقامي ڪاروايون بند ڪيون وڃن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button