مختصر خبرون

خيرپور ضلعي ۾ واڱڻ جو مارڪيٽ ۾ اگهه وڌيڪ ڪري پيو

هنڱورجا: خيرپور ضلعي ۾ واڱڻ جو مارڪيٽ ۾ اگهه وڌيڪ ڪري پيو ڀريل ڪٽو مارڪيٽ ۾ سئو کان ڏيڍ سئو تائين وڪامڻ لڳو واپاري ۽ ٺيڪيدار وڌيڪ پريشان ٿي ويا.
تفصيل موجب خيرپور ضلعي ۾ واڱڻن جو اگهه وڌيڪ ڪري پيو في ڪٽو ٻه سئو کان اڍائي سئو تائين وڪرو ٿيڻ وارو اوچتو ڪالهه سکر ، فيصل آباد ، لاهور ، پنڊي سميت ٻين منڊين ۾ ستر کان ڏيڍ سئو تائين وڪرو ٿيڻ لڳو جنهن ڪري ٺيڪدار ۽ واپاري وڌيڪ مشڪلات ۾ اچي ويا آهن. اهي زميندارن جا قرضي بڻجي ويا آهن هن ڏس ۾ ٺيڪيدارن ۽ واپارين محمد صديق سولنگي، محمد معروف سولنگي. علي گوهر ، سيد انور علي شاهه، سميت پنجاهه کان وڌيڪ واپارين ۽ ٺيڪيدارن جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ هنن ٻڌايو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو واڱڻن جي ريٽ ۾ گهٽتائي اچڻ ڪري اسان کي ڪروڙين روپين جو نقصان رسي رهيو آهي ۽ زميندار به ٺيڪن جي پئسا وٺڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن اعلي اختارين کي اپيل ڪئي آهي ته واپارين ۽ ٺيڪيدارن جي هن مسئلي طرف ڌيان ڏئي سندن جي پريشاني کي دور ڪيو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button