خيرپور

خيرپور:سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد ڊپٽي ڪمشنر سان ملاقات

سول سروسز اڪيڊمي لاهور جي ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد ڊپٽي  ڪمشنر سان ملاقات جو گروپ ڦوٽو
سول سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد جو ڊپٽي ڪمشنر سان گروپ ڦوٽو
خيرپور: سول سروسز اڪيڊمي لاهور جي 40 ڪورس جي مختلف گروپن ۾ تربيت وٺندڙ آفيسرن جي وفد ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. جڏهن ته وفد درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾ ضلعي جي مختلف کاتن جي آفيسرن سان هڪ گڏجاڻي ڪئي. گڏجاڻي ۾ ڊپٽي ڪمشنر خيرپور پاران وفد ۾ شامل آفيسرن کي خيرپور ضلعي جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. جڏهن ته وفدکي ڊي سي خيرپور پاران موجوده حڪومت جي دور ۾ ٿيل ترقياتي ڪمن جي حوالي سان پڻ آگاهي ڏني. ان موقعي تي ايس ايس پي خيرپور اعتزاز احمد گوريا وفد ۾ شامل آفيسرن کي ضلعي اندر قانوني حڪمت عملي ۽ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان تفصيلي ڄاڻ ڏني. گڏجاڻي ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ۽ خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر (پي ڊي) ڪئپٽن انوارالحق کين خيرپور اسپيشل اڪنامڪ زون جي حوالي سان تفصلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي آفيسرن جي وفد کي خيرپور جي تاريخي ۽ ثقافتي ماڳن ڪوٽڏيجي قلعو، فيض محل، درگاهه سچل سرمست، آدم سلطان، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (گمز)، بلاول ڀٽو زرداري پارڪ، مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ڪئمپس خيرپور، ناز پائليٽ سيڪنڊري اسڪول خيرپور، آءِ بي ڪميونٽي ڪاليج خيرپور ۽ ٻين تعليمي ۽ تاريخ ماڳن جي حوالي سان پڻ کين ٻُڌايو ويو. گڏجاڻي جي آخر ۾ وفد ۾ شامل آفيسرن کي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور طاهر حُسين سانگي ۽ ايس ايس پي خيرپور اعتزاز احمد گوريا مختلف سوالن جا جواب ڏنا. ان موقعي تي ڊي سي خيرپور وفد کي خيرپور جي تاريخي ۽ ثقافي ماڳن جي دوري لاءِ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنگري محمد بخش ڌاريجو کي هدايتون جاري ڪيون.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button