سکر

حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پاڙيا، نعمان اسلام شيخ

بيورورپورٽ، سکر

حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پاڙيا، نعمان اسلام شيخ
حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پاڙيا، نعمان اسلام شيخ
سکر ريلوي جي پارلياماني سيڪريٽري پ پ ايم اين اي سکر نعمان اسلام شيخ چيو آهي ته پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت عوام سان ڪيل واعدا پاڙيا آهن، هاڻي عوام جو فرض آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ڪامياب ڪرائي ته جيئن عوام کي وڌيڪ سهولتون فراهم ڪري سگهجن، اهڙن خيالن جو اظهار هن نئين تعلقي سکر انتظاميا کي فائر برگيڊ گاڏي حوالي ڪرڻ واري تقريب ۾ ڪيو، جنهن ۾ چيف آفيسر فياض احمد ميمڻ، تاج محمد سومرو، سميت شاهين اسٽاف يونين اڳواڻ حاجي جانب علي شيخ، عبدالرزاق سولنگي، ارباب علي ڪيريو، فائر آفيسر حافظ عبدالحميد سومرو، پ پ سٽي جنرل سيڪريٽري ارشد مغل، لعل محمد ڀٽو گلشير چوهاڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ان موقعي تي ميونسپل ڪارپوريشن سميت نئين تعلقي جي سمورن ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪندي چيو ته پ پ حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو ڪري مثال قائم ڪيو آهي، عوام جي ڀرپور ساٿ سان ٻيهر ڪاميابي ماڻينداسين. ان موقعي تي نعمان اسلام شيخ فائر برگيڊ گاڏي چيف آفيسر فياض احمد ميمڻ جي حوالي ڪئي، جڏهن ته فائر فائيٽر مينن علامتي جهوپڙي ٺاهي ان کي باهه ڏئي باهه وسائڻ جو مظاهرو پڻ ڪيو ويو، تقريب ۾ ملازمن کان علاوه هزارين ڳوٺاڻا پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button