اسلام آباد

حڪومت جمهوري قوتن سان گڏ ڳالهه ٻولهه تي يقين رکي ٿي: وزيراعظم راجا پرويز اشرف

اسلام آباد: وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته حڪومت عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ سمورين سياسي ۽ جمهوري قوتن سان Raja Parvez Ashrafگڏ ڳالهه ٻولهه تي يقين رکي ٿي. هو ڪالهه سومر ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ وفاقي وزير مير اسرارالله زهري جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ بي اين پي (عوامي) جي وفد سان ڳالهائي رهيو هو. اسرارالله زهري ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ڪراچي ۾ بم ڌماڪن ۾ بيگناهه شهرين جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير چيو ته ڪڌين ڪاررواين جي ذميوار عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو ته جيئن شهرين جو تحفظ ٿئي.
اي پي پي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button