سکر

حڪمرانن ڪراچي کي ڀته خورن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي،جماعت اسلامي

عمر سومرو ، سکر
Jamait Islami Long March at Sukkur (640x235)ڪراچيءَ ۾ اليڪشن ڪميشن پاران نيون ووٽر لسٽون ترتيب نه ڏيڻ ۽ پراڻن ووٽر لسٽن مان جعلي ووٽن جو خارج ۽ نيون تڪ بنديون نه ٺاهڻ جي خلاف جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪراچيءَ کان اسلام آباد تائين ٽرين مارچ جي سلسلي ۾ ٽرين مارچ گذريل رات روهڙي ريلوي اسٽيشن تي پهتو، ۽ سومر جي ڏينهن ٻيهر ٽرين مارچ شروع ڪرڻ کان پهريان روهڙي ريلوي اسٽيشن تي جماعت اسلامي ۽ ٻيون پارٽيون مسلم ليگ (ن) مسلم ليگ فنڪشنل، جمعيت علماءِ پاڪستان، عوامي مسلم ليگ، جيئي سنڌ محاذ، سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران روهڙي ريلوي اسٽيشن تي اڳواڻن جي پهچڻ تي استقبال ڪيو ويو، جماعت اسلامي سنڌ جو امير ڊاڪٽر معراج الهديٰ صديقي، ڪراچي جو امير محمد حسين، مسلم ليگ (ن) جو غلام مصطفيٰ ايڊووڪيٽ، مسلم ليگ فنڪشنل جو شاهد سومرو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو گلزار سومرو، عوامي مسلم ليگ جو محفوظ يار خان، جمعيت علماءِ پاڪستان جو مستقيم نوراني، جيئي سنڌ محاذ جو دلدار سومرو ۽ ٻين اجتماع کي خطاب ڪندي شهر قائد کان نڪرڻ وارو قافلو ڪراچي کي ڀته خورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز کان نجات ڏياريندو، اليڪشن ڪميشن سنڌ ڪراچي ۾ ڀته خورن جي سرپرستي ڪري رهيو آهي، ۽ سنڌ ۾ ڌاندليون ڪري رهيو آحي، گذريل 5 2 سالن کان ڪراچي ۾ حقيقي نمائندا نه اچي سگهيا آهن، ڪراچي جي عوام کي هٿيار جي زور سان يرغمال بڻائي ڪري ووٽ ورتا ويندا آهن، هنن چيو ته گذريل رات ڪراچي جي علائقي عباس ٽائون ۾ بم ڌماڪي ۾ 0 6 ماڻهو شهيد ڪيا ويا، پر وزير اعليٰ سنڌ سميت حڪمران جماعت جو ڪوئي به ذميدار حادثي واري جاءِ تي نه پهتو، حڪمران شرميلا فاروقي جي منڱڻي ۾ ويٺا رهيا، ۽ ڪراچيءَ جي عوام کي دهشت گردن جي حوالي ڪيو ويو، هنن چيو ته ڪراچيءَ کان نڪرڻ وارو هي قافلو سنڌ ۽ ملڪ بچائڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، ڪراچيءَ ۾ سياسي پارٽيون عوام کي يرغمال بڻائي ڪري پاڻ ئي ٺپا هڻي ڪري باڪس ڀريا ويندا آهن، هنن چيو ته شهر قائد کي ڀته خورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز کان نجات ڏياري ئي دم ڏينداسين، ڪراچيءِ ۾ امن ضروري آهي، پر حڪمرانن ڪراچي کي ڀته خورن جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي جي عوام ۽ تاجرن کي يرغمال بڻائي ڪري انهن کان ڀتو وصول ڪيو ويندو آهي، حڪمران انهن جي سامهون بي وس نظر اچي رهيا آهن،هنن چيو ته ڪراچيءَ ۾ جعلي تڪ بنديون ختم ڪيون وڃن ۽ پراڻن ووٽر لسٽن مان جعلي ووٽن کي خارج ڪيو وڃي ته جيئين آئينده اليڪشن ۾ عوام جا حقيقي نمائنده چونڊجي سگهجن، هي سنڌ جي عوام جي آواز ڪراچيءَ کي اسان يرغمال نه ٿيڻ ڏينداسين، ۽ ڪراچي ۾ جعلي ووٽر لسٽن ۽ جعلي تڪ بندين جي خلاف سنڌ جون تمام پارٽيون متحد ٿي ويون آهن، انهن جي مطالبو آهي ته ڪراچيءَ جون ووٽر لسٽون درست ڪري جعلي تڪ بنديون ختم ڪيون وڃن، ۽ هي ٽرين مارچ اسلام آباد پهچي ڪري اليڪشن ڪميشن ڪراچيءَ جي جعلي ووٽر لسٽن ۽ تڪ بندين کان آگاهه ڪندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button