مختصر خبرون

حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران پوليس ۽ تعليم کاتي ۾ ٽيسٽ جي تاريخ جو اعلان

حيدرآباد: سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ جي پوليس کاتي ۾ گريجوئيٽ ڪانسٽيبلز / هيڊ ڪانسٽيبلز کان اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي آسامين لاءِ شروعاتي لکت وارو ٽيسٽ انگلش ايسي 12 مارچ تي صبح جو 10 وڳي کان يارهين وڳي دوران ورتو ويندو، سنڌي / اردو ايسي 12 مارچ تي منجهند جو 2 وڳي کان 3 وڳي دوران ۽ جنرل ناليج جوشروعاتي لکت وارو ٽيسٽ 13 مارچ تي صبح جو 10 وڳي کان 11 وڳي دوران ورتو ويندو.
اهڙي طرح سنڌ جي تعليم ۽ خواندگي کاتي ۾ ليڪچرار ڪامرس بي پي ايس 17 (مرد ۽ عورت) جي آسامين لاءِ اميدوارن کان لکت وارو ٽيسٽ 13 مارچ تي منجهند جو 3 وڳي ، ليڪچرار ڪيمسٽري بي پي ايس 17 ( مرد ۽ عورت) جي آسامين لاءِ اميدوارن کان لکت وارو ٽيسٽ 14 مارچ تي صبح جو ساڍي ڏهين وڳي ۽ ليڪچرار ڪمپيوٽر سائنس بي پي ايس 17 ( مرد ۽ عورت) جي آسامين لاءِ اميدوارن کان لکت وارو ٽيسٽ 14 مارچ تي منجهند جو 3 وڳي ورتو ويندو.
پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته سمورن اهل اميدوارن کي سندن ڏنل ايڊر يسن تي خط پڻ موڪليا ويا آهن جيتوڻيڪ 8 مارچ 2013 تائين خط نه ملڻ جي صورت ۾ اهي ڪميشن جي هيڊ آفيس ٿڌي سڙڪ حيدرآباد جي فون نمبر 9200246، 9200694، 9200162، 9200693، 9200959 فيڪس نمبر 9200162 ۽ 9200697 تي رابطو ڪن يا ڪميشن جي ويب سائيٽ www.spsc.gov.pk تي وزٽ ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button