ٽنڊو محمد خان

جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران مذهبي انتهاپسندي خلاف ريلي

فهيم ڀٽي، ٽنڊو محمد خان

جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران مذهبي انتهاپسندي خلاف ريلي
جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران مذهبي انتهاپسندي خلاف ريلي
جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمد خان پاران مذهبي انتهاپسندي خلاف ريلوي اسٽيشن کان ريلي ڪڍي ڦليلي پل تي ڌرڻو هنيو ويو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي ليمون ملاح، زاهد جسڪاڻي، انور لاشاري، مانو سنڌي ، عبدالرزاق خاصخيلي، اصغر نوناري، جساف اڳواڻ جواد حسين سومرو، جسقم اڳواڻ يار محمد ڀٽي، عوامي تحريڪ اڳواڻ ڊاڪٽر مشتاق شورو ۽ ٻين جي اڳواڻن چيو ته سنڌ ڌرتي امن جي ڌرتي آهي ان تي هٿ وٺي دهشتگردي کي زور وٺايو پيو وڃي ۽ امن تباهه ڪرڻ لاءِ روز نيون سازشون سٽيون پيون وڃن ڪڏهن فرقي پرستي ته ڪڏهن مذهبي انتهاپسندي ته ڪڏهن سنڌي هندن کي زبردستي لڏائڻ ۽ سنڌي هندو نياڻين کي زبردستي مذهب مٽائي شادي ڪرڻ ، جنهن جي اسان سخت لفظن مذمت ڪيون ٿا ، هنن چيو ته اسان دهشتگردن کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته سنڌ ڌرتي تي رهندڙ سنڌي هندن کي تنگ ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي ، هنن عالمي عدالت ۽ سنڌ هاءِ ڪورت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ دهشتگردي ۽ هندن سان ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري سنڌي هندن کي تحفظ ڏنو وڃي ۽ دهشتگردن خلاف سخت قدم کنيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button