مختصر خبرون

جوھي: پوليس قاتلن جي پٺ ڀرائي ڪري رھي آھي، عزيز ڪنگراڻي

عباس گاڏھي، جوھي
جوھي: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي اڳواڻ نصرالله ڪنگراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان علامتي بک ھڙتال، ٻئي پاسي ڊراما نويس عزيز ڪنگراڻي انڊس نيوز سان ڳالھائيندي چيو ته ڀاءُ کي قتل ڪندڙ شھر ۾ سرعام گھمي رھيا آھن پر پوليس گرفتار ڪرڻ بجاءِ ڪيس کي ڪمزوري ڏانھن ڌڪي رھي آھي، پوليس قاتلن جي پٺ ڀرائي ڪري رھي آھي، ڀاءُ جا قاتل گرفتار نه ٿياته اعليٰ عدليه جو در کڙڪائينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button