مختصر خبرون

جوهي: پوليس جوابدارن کان رشوت وٺي نصرالله ڪنگراڻي جي قاتلن کي گرفتار نه پئي ڪري، مظاھرو

عباس علي گاڏهي، جوهي
جوهي ۾ ليکڪ عزيز ڪنگراڻي جي ڀاء نصرالله جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف ايس يو پي پاران غلام قادر لغاري، سلطان کچي،غلا نبي باهوٽو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري مين روڊ تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو جتي هنن مطالبو ڪيو ته جوهي پوليس جوابدارن کان ڳري رشوت وٺي کين کلي آزادي ڏني ويئي آهي .هنن چتاء ڏنو ته جوابدارن جي گرفتاري تائين احتجاجي تحريڪ جاري رهندي، ٻئي پاسي جوهي دادو روڊ ۽ پوليس ٿاڻي جي سامهون تاريخي قبرستان تي قبضا مافيا پاران قبرون مسمار ڪري اڏاوتي ڪم شروع ڪرائڻ خلاف سياسي، سماجي، مذهبي ڌرين جي اڳواڻن سيد نور محمد شاهه، پير بخش ٻٻر جي اڳواڻي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته گذريل ٻن مهينن کان قبرستان تي قبضي جون ڪوششون ٿي رهيون آهن جنهن ۾ ٿاڻي ۽ مين روڊ سامهون قبرون مسمار ڪري 2 شاپنگ سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن جنهن تي سياسي، سماجي ۽ شهرين پاران مظاهرا ڌرڻا پڻ هنيا ويا ان کانپوءِ قبضا مافيا ڪجهه ٽائيم لاءِ ٺاپُر ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ٻيهر قبضا مافيا سرگرم ٿي وئي آهي ۽ پنهنجي هڪ هٽي کي قائم رکندي ٻيهر تعميراتي ڪم ڪرائي رهي آهي اسين وس وارن کان اپيل ٿا ڪريون ته تاريخي قبرستان تان قبضو ختم ڪرائي قبرن کي مسمار ٿيڻ کان بچايو وڃي ٻي صورت قبضا مافيا خلاف تحريڪ هلائينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button