اليڪشن 2013مختصر خبرون

جوهي: پنهور برادري پاران پي ايس 75 تي آزاد اميدوار بيهارڻ جو فيصلو

عباس علي گاڏهي، جوھي
جوهي تعلقي جي پنهور برادري جي معززين جي گڏجاڻي گهرائي وئي جنهن ۾ پنهور برادري جي ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي برادري پاران پي ايس 75 تي علي انور پنهور کي آزاد اميدوار بيهارڻ جو فيصلو ڪيو ويو ان کانپوءِ پي ايس 75 جي آزاد اميدوار علي انور پنهور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پنهور برادري جو جوهي تعلقي ۾ ووٽ بيڪ هئڻ باوجود هر دور حڪومت ۾ پنهور برادري کي نظر انداز ڪيو ويو آهي ان لاءِ پي ايس 75 تي آزاد اميدوار طور فارم ڀرائيندس ۽ جوهي جي غريب عوام جي خدمت ڪندس هن وڌيڪ چيو ته جوهي تعلقي جي عوام کان ووٽ وٺي ويندڙ سدائين عوام ويساهه گهاتي ڪئي آهي جوهي تعلقي ڪي به بنيادي مسئلا حل نه ٿيا آهن هن وقت جوهي تعلقي سمورن ڳوٺن ۽ شهرن جا روڊ رستا مڪمل طور تي تباهه ٿيل آهن ۽ سرڪاري اسڪولن ۽ سرڪاري اسپتالن کي تالا لڳل آهن هن چيو ته جوهي تعلقي جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي سان ڪوششون ڪندس ته جيئن گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل جوهي تعلقي جا مسئلا اولين بنياد تي حل ڪيا ويندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button