سکر

جسمم پاران مذهبي فرق ختم ڪرڻ لاءِ سٽي پوائنٽ کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي

بيورورپورٽ ،سکر

مذھبي انتھاپسندي خلاف جسمم جي ريلي
مذھبي انتھاپسندي خلاف جسمم جي ريلي
جسمم پاران مذهبي فرق ختم ڪرڻ لاءِ سٽي پوائنٽ کان سکر پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڪارڪنن سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ضلعي صدر لالا سهيل پٺاڻ لياقت چنه ۽ ٻين چيو ته سڄي دنيا اندر جيڪي به مذهب آهن انهن جو سنڌي قوم هميشه احترام ڪيو آهي ڪنهن به مذهب خلاف عمل کي غير انساني عمل ۽ کليل دهشتگردي جو تصور ڏنو آهي هنن چيو ته سنڌ ڌرتي جا ماڻهو بنيادي طره صوفي ازم ۽ عالمي انسانيت جي برابري واري سوچ جا حامي آهن شاهه عبدالطيف، سچل سامي، بيدل بيڪس واري نظريي ۽ سوچ جا مالڪ آهن انهن صوفي بزرگن هميشه مذهبي برابري ۽ رواداري جو درس ڏنو آهي سنڌ اندر ٿيندڙ دهشتگردي جي عمل کي سختي سان ننديو آهي ۽ انهن جي مخالفت پڻ ڪئي وئي آهي هنن الزام هنيو ته ڪجهه ادارن جا ماڻهو ادارن جي چوڻ تي سنڌ ۾ دهشتگردي ڦهلائي رهيا آهن

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button