شهدادڪوٽ

جسقم ۽ مستوئي برادري پاران ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ مظاھرو

ضمیر کرل، شهدادڪوٽ

جسقم ۽ مستوئي برادري پاران ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ مظاھرو
جسقم ۽ مستوئي برادري پاران ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ مظاھرو
شهدادڪوٽ ۾ جسقم ۽ مستوئي برادري پاران ٻه هفتا اڳ اغوا ٿي ويل ٽن جسقم ڪارڪنن جي بازيابيءَ لاءِ لاڙڪاڻي ۽ سکر روڊ تي ڌار،ڌار احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، جسقم ڪارڪنن ۽ مستوئي برادريءَ جي ماڻهن جسقم ڪارڪنن نظام مستوئي، اعجاز ۽ نثار مستوئي جي بازيابيءَ لاءِ جسقم اڳواڻ ذولفقار مگسي، بچل باغي، محمّد وارث مستوئي، ارباب مستوئي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو،جنهن سبب سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس جسقم جي ٽن ڪارڪنن کي ٻه هفتا گذرڻ باوجود بازياب ناهي ڪرائي سگهي جنهن سبب سندن گهرن ۾ ماتم متل آهي ، هنن چيو ته شهدادڪوٽ سميت سموري ضعلي اندر چوري، ڦر اغواه جو واداتون وڌي ويو آهن پر پوليس ان تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي،هنن چيو ته پوليس ان آڙ ۾ بيگناهه ماڻهن کي گرفتار ڪري ٿي پر ڏوهارين خلاف ڪا به ڪارواهي نه ٿي ڪئي وڃي جنهن سبب شريف ماڻهون جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ، هنن مغوين کي فوري طور تي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪئي آهي، ٻي صورت ۾ هنن اجتجاج جو دائري وڌائڻ جو چتاءُ ڏنو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button