اليڪشن 2013باڊھ

بروھي ڀائرن پاران چونڊن ۾ آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ حصو وٺڻ جو اعلان

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

بروھي ڀائرن پاران چونڊن ۾ آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ حصو وٺڻ جو اعلان
بروھي ڀائرن پاران چونڊن ۾ آزاد اميدوارن جي حيثيت ۾ حصو وٺڻ جو اعلان
باڊهه: لاڙڪاڻي ضلعي جي اين اي 205، پي ايس 35 ۽ پي ايس 41 تي آزاد اميدوارن جي حثيت سان چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي سوين گاڏين جي جلوس ۾ لاڙڪاڻي وڃي نامزدگي فارم جمع ڪرايا، ان کان اڳ ذڪر ڪيل اميدوارن پنهنجي هزارين حامين سان گڏجي علائقي جي بزرگ هستين سيد تقي شاهه جيلاني ۽ حاجي علي اصحابه جي درگاهن تي گلن جون چادرون چاڙهيون ۽ ڪاميابي لاءِ دعا گهري، ٻئي طرف ميڊيا سان ڳالهائيندي نور احمد ۽ سڪندر بروهي چيو ته اڳوڻن چونڊيل عوامي نمائندن اين اي 205، پي ايس 35 ۽ پي ايس 41 تان ڪامياب ٿيڻ بعد علائقي ۽ تڪ واسين جا مسئلا حل ڪرائڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي مفادن کي اوليت ڏني، جنهن ڪري هن علائقي جو عوام کانئن مايوس آهي، ان ڪري اسان چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهيون ۽ انشاءَ الله بنا ڪنهن فرق جي حل ڪرائينداسين، هوڏانهن باڊهه ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو، ڪامريڊ قادر بروهي، ارشاد ساريو پڻ پي ايس 41 لاءِ پنهنجا نامزدگي فارم جمع ڪرائي ڇڏيا آهن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button