مختصر خبرون

باڊھ: پٽ لاءِ انصاف گھرجي، ماءُ جو پٽ جو خون معاف ڪرڻ کان انڪار

باڊهه: باڊهه ۾ پوليس هٿان 6 ڏينهن اڳ قٿل ٿيل نوجوان اياز علي جلباڻي جي قتل واقعي ۾ ملوث باڊهه ٿاڻي جي اڳوڻي اي ايس آءِ حسين علي شاهاڻي جي ڌر پاران سند وارن ۽ حامين محرم کوسو، لاهوتي کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نصيرآباد شهر کان قرآن پاڪ کڻي هڪ وڏو ميڙ منٿ وٺي باڊهه پهچي مقتول نوجوان اياز جلباڻي جي مائٽن سان مليو، ان موقعي تي وفد کي مقتول نوجوان جي امڙ مسمات قائم خاتون جلباڻي جو جوابدارن سان ٺاهه ڪرڻ کان انڪار ڪندي چيو ته منهنجي نوجوان پٽ بيگناهه بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، مان پنهنجي ٻچڙي جي ناحق خون جي انصاف چاهيان ٿي، مسمات قائم خاتون منٿ ميڙ کي ٻڌايو ته منهنجي پٽ واري واقعي بابت توهان اسان جي سردار آغا علي نواز جلباڻي سان ڳالهايو، جنهن کانپوءِ منٿ ميڙ وفد واپس هليو ويو، ياد رهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار اي ايس آءِ حسين علي شاهاڻي ۽ هيڊ ڪانسٽيبل محبوب چانڊيو اڳ ۾ ئي گرفتار ٿيل آهن، جڏهن ته ٽيون جوابدار باڊهه ٿاڻي جو اڳوڻو ايس ايڇ او امير پٺاڻ ضمانت تي آزاد ٿيل آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button