باڊھ

باڊھ: قتل ٿي ويل ايس ٽي پي اڳواڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مظاھرو

Badah; STP Muzharo Pic Badah ..07-03-2013 (640x274)باڊهه: باڊهه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ڪراچي ۾ قتل ٿي ويل ايس ٽي پي اڳواڻ محمد علي ڀٽي جي قاتلن جي گرفتاري خلاف ڪامريڊ قادر بروهي، اصغر نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن ڪافي وقت کان سنڌي ماڻهن کي ڳولهي ڳولهي مارڻ شروع ڪيو آهي، ايم ڪيو ايم واران 4 سال 11 مهينا حڪومت جو حصو رهڻ بعد اپوزيشن جو ڪوڙو ناٽڪ رچائي عباس ٽائون سانحي جي آڙ ۾ ڪراچي جو امن تباهه ڪرڻ ۽ سنڌي ماڻهن کي مارڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، هنن چيو ته محمد علي ڀٽي جي قاتلن کي گرفتار ڪري ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button