باڊھ

باڊھ: سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي وڪري ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي وڪري ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو
سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي وڪري ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو
باڊهه: جيئي سنڌ قومي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي پارٽي جي وائيس چيئرمين محمد علي خشڪ، منٺار جوڳي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي قديمي ٻيٽن جي وڪري ۽ ذوالفقار آباد رٿا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پ پ حڪومت ويندي ويندي سنڌ جا قديمي ٻيٽ وڪڻي سنڌ دشمني جو چٽو ثبوت ڏنو آهي، جنهن جي اهڙي غداري واري عمل کي سنڌي قوم ڪڏهن به نه وساريندي، اڳواڻن چيو ته اسان جيڪي سمورا منصوبا جيڪي سامراجيت ۽ سنڌ کي بيٺڪي نظام ۾ تبديل ڪن، ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن، هنن چيو ته اسين سنڌي ۽ سنڌ جي وسيلن تان سرقربان ته ڪري سگهون ٿا پر پنهنجا وسيلا ڌارين قوتن جي حوالي ٿيڻ نه ڏينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button