مختصر خبرون

باڊهه ۾ صفائي عملي پاران پگھارون نه ملڻ خلاف مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
باڊهه: باڊهه ۾ صفائي عملي پاران رهيل 2 مهينن جون پگهارون نه ملڻ خلاف گلزار شيخ، امام بخش شيخ، خادم بروهي، ڪوڙل ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽائون اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته اسان کي گذريل 2 مهينن جون رهيل پگهارون نه ملي سگهيون آهن، جنهن سبب اسين فاقا ڪشي جي زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون، هنن چيو ته ٽي ايم او ڏوڪري هر مهيني لکين رپين جي ڪرپشن ڪرڻ باوجود اسان کي حق جون پگهارون به نه ٿو ڏئي، جيڪا اسان ملازمن سان زيادتي آهي، هنن ڊي سي لاڙڪاڻو ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اسان کي رهيل پگهارون ڏنيون وڃن ۽ نااهل ٽي ايم او کي هٽايو وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button