باڊھ

باڊهه: هندو پنچائت پاران شمشان گهاٽ( مساڻ) تي قبضي جي ڪوشش خلاف مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

ھندو برادري احتجاج ڪندي
ھندو برادري احتجاج ڪندي
باڊهه: باڊهه ۾ هندن جي شمشان گهاٽ( مساڻ) تي بااثرن پاران قبضو ڪرڻ جي ڪوشش خلاف باڊهه ۾ هندو پنچائت پاران اقليتي برادري جي ماڻهن پنچائت جي صدر ڪنعيا لعل، پرسرام ڏوڏائي، منور لعل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سنت موهن داس درٻار کان شهر جي حيدر چوڪ تائين احتجاجي جلوس ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن کي خطاب ڪندي اقليتي برادري جي اڳواڻن چيو ته باڊهه شهر اسان جي جنم ڀومي آهي، اسان آڳاٽي دور کان هتي رهندڙ آهيون پر هتي مختلف وقتن تي اسان سان ڏاڍيون ٿينديون آيون آهن، هنن چيو ته شهر جي دين محمد بروهي محلي ۾ اسان هندن جو اوائلي دور ۾ چار ايڪڙ ايراضي تي شوالو (مندر) هوندو هو، جنهن تي بروهي برادري جي ماڻهن ناجائز قبضو ڪري قديم دور جون ٺهيل عمارتون ڊاهي پٽ ڪري پنهنجا گهر اڏي ڇڏيا ۽ هاڻي وري ساڳيا ئي ماڻهو اسان جي شمشان گهاٽ (مساڻ) تي زبردستي قبضو ڪرڻ گهرن ٿا، انهن مساڻ جي چئني پاسن کان لڳل ڪنڊيدار تارون هٽائي مين گيٽ ۽ ديوارون ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏنيون آهن ته توهان آئيندا مساڻ ڏانهن اچڻ جي ڪوشش نه ڪجو، هنن ان سلسلي ۾ اعليٰ اختيارين کي سنگين معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن ٿيل ڏاڍائي جو ازالو ڪرڻ ۽ تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button