باڊھ

باڊهه: قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

 قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار جي گرفتاري لاءِ مظاھرو
باڊهه: ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس هٿان پنهنجي امڙ اڳيان بيدردي سان قتل ٿيل اياز جلباڻي جي ڪيس ۾ فرار ٿي ويل مک جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او باڊهه امير بخش پٺاڻ ۽ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف قومپرست تنظيمن ۽ مقتول جي وارثن پاران قادر بروهي، منظور جلباڻي، حسن ڪلهوڙو، آصف عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي درگاهه چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي حيدر چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ان دوران احتجاج ڪندڙن پاران قاتلن اهلڪارن جي گرفتاري لاءِ سخت نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هفتو اڳ باڊهه پوليس جي اهلڪارن پاران نوجوان اياز جلباڻي کي ڊوڙائي ڊوڙائي پنهنجي امڙ جي سامهون گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو پر ڪيس داخل هئڻ باوجود هن وقت تائين مک جوابدار اڳوڻي ايس ايڇ او باڊهه امير پٺاڻ کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي، هنن چيو ته جوابدار ڌر جا ماڻهو ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ متاثر خاندان کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ڪجهه بااثر ماڻهو مظلوم نوجوان جو خون لوڙهڻ لاءِ سرگرم بڻجي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته اياز جلباڻي جي قتل ڪيس ۾ گهربل سمورن جوابدارن کي بنادير گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button