آرٽيڪل

باڊهه: شهيد هيمون ڪالاڻي جي ملهايل سالگرهه جو احوال

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
باڊهه سوشل فورم پاران شهر جي مهراڻ ڪوچنگ سينٽر ۾ سنڌ جي سورهيه پٽ شهيد هيمون ڪالاڻي جي 90 هين سالگرهه جي موقعي تي هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن جي صدارت فورم جي ڪنوينر عزيز بروهي ڪئي ۽ مهمان خاص ڪميونسٽ پارٽي جو سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي هيو، مهمانن ۾ ناليوارو سماجي اڳواڻ داڪٽر ذوالفقار راهوجو، جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جي نظرياتي شعبي جو سربراهه مسيح ڪالاڻي، ناليوارو سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو، سگا شاخ باڊهه جو صدر ڊاڪٽر عبدالغفار ڪانڌڙو، پروفيسر ذوالفقار ڪولاچي، ناليوارو پورهيت اڳواڻ ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي لاڙڪاڻي جو رهنما ڪامريڊ قادر بروهي جن هئا، هن تقريب جي اسٽيج جا سيڪريٽري فرائض فورم جي جنرل سيڪريٽري عبدالستار منگي ادا ڪيا، تقريب ۾ شهر جي سياسي، سماجي، ادبي ۽ صحافتي تنظيمن شهر جي ساڃاهه وند شهرين نوجوانن شاگردن ۽ بزرگ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مهمانن کي فورم جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر جمن ساريي آجياڻو ڏنو، هن مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته شهيد هيمون ڪالاڻي سنڌ جي نوجوانن لاءِ اتساهه جو سبب آهي، هن چيو ته نوجوان هيمون ڪالاڻي پنهنجي زندگي سنڌ جي آزادي لاءِ انگريز سامراج خلاف جدوجهد جي غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ هن وقف ڪري ڇڏيو، هيمون ڪالاڻي ڌارين حڪمرانن کي للڪار ڏيندي چيو ته جيستائين زنده هوندس ڌارين خلاف وڙهندو رهندس، هن چيو ته اسان جي اڄ جي سنڌي جوانن کي هيمون ڪالاڻي کي پڙهڻ گهرجي ۽ ان جي نقش قدم تي هلڻ گهرجي ائين ڪرڻ سان ڪو به ظالم اسان جي قوم مٿان جي قوم مٿان ظلم ڪري نه سگهندو

شهيد هيمون ڪالاڻي جي ملهايل سالگرهه جو احوال
شهيد هيمون ڪالاڻي جي ملهايل سالگرهه جو احوال
، عزيز بروهي چيو ته شهيد هيمون ڪالاڻي مادر وطن سنڌ جو اهو سورهيه پٽ آهي، جنهن ساهه ڏئي قوم کي ويساهه ڏنو، ڌرتي ماءُ جي هن ارڏي پٽ انگريز سامراج سان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي آزادي ۽ انقلاب لاءِ جنگ جوٽي، هن ڌاري سامراج خلاف هر محاذ تي مهاڏو اٽڪايو، سندس مزاحمتي جدوجهد سڀني کان مختلف هئي، هيمون ڪالاڻي جو خيال هيو ته انگريز سفاڪ قاتل ۽ دهشتگرد آهن، جن اسان جي ڌرتي کي غلام بڻائي رکيو آهي ۽ اهڙي غلامي کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته انگريز خلاف هٿياربند ويڙهه وڙهي کين ڌرتي تان ڌڪاري ڪڍي ڇڏجي، مهمانن خاص ڪامريڊ امداد قاضي هيمون ڪالاڻي جي دور جي تاريخي پس منظر پيش ڪندي چيو ته اهو دور پرسگير مٿان انتهائي ڏکيو هو، هڪ طرف ڀڳت سنگهه کي ڦاسي چاڙهيو ويو ته وري ٻئي طرف سنڌ جي سورهيه بادشاهه کي انگريزن گرفتار ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، سنڌ ۾ مارشلا نافض ڪري حر تحريڪ کي ڪچليو ويو، شهيد هيمون ڪالاڻي اهڙي دور ۾ انقلاب لاءِ ڦاسي کي قبول ڪيو ۽ جان جو نذرانو ڏنو، مسيح ڪالاڻي چيو ته باڊهه سوشل فورم کيرون لهڻيون جنهن سنڌ جي قومي هيرو شهيد هيمون ڪالاڻي جو سالگرهه جو هي ڏينهن ملهايو، شهيد هيمون ڪالاڻي سنڌ جو اهو سورهيه پٽ آهي، جنهن سنڌ تان قربان ڪيو، پر ڌارين آڏو گوڏا نه کوڙيا، هئڻ ته ائين گهربو هو جو هتان جون قومي ۽ سياسي تنظيمون هي سالگرهه ملهائين ها پر اسان جي قومپرست تنظيمن اهو ڪم نه ڪيو پر باڊهه سوشل فورم ڪري ڏيکاريو ۽ ٻين تنظيمن کان گوءِ کڻي وئي، ڊاڪٽر ذوالفقار راهوجو چيو ته هيمون ڪالاڻي هڪ بهادر انقلابي ۽ غيرتمند نوجوان هيو، جنهن نوجوانن جي ٽولي جوڙي ڌرتي ماءِ کي غلام بڻائيندڙ انگريزن کي للڪاريو، هن ننڍي عمر ۾ ئي سنڌي عوام کي چيو ته سنڌ جا سمورا معاهدني معاشي وسيلا فقط ئي فقط هتان جي مقامي ماڻهن جا آهن، ڪنهن ڌاري سامراج کي اهو حق نه ٿو پهچي ته هو اسان کي غلام بڻائي اسان جي وسيلن تي قبضو ڪري. قادر بروهي چيو ته اڄ جي هن محفل مچائڻ تي باڊهه سوشل فورم مبارڪ باد جي مستحق آهي، جنهن هيترا سارا ماڻهو گڏ ڪري امر شهيد هيمون ڪالاڻي جي سالگرهه ملهائي اهو ثابت ڪيو آهي ته سنڌي سيڪيولر، رواداري ۽ ترقي پسند آهن، پروفيسر ذوالفقار ڪولاچي تقرير ڪندي چيو ته ڪالهه گورا سنڌ تي قابض هيا ۽ شهيد هيمون ڪالاڻي سندن خلاف جدوجهد ڪئي ۽ جان جو نذرانو ڏنو، اڄ وري ڪارا انگريز سنڌ تي قابض آهن، پ پ پنهنجي نااهلي سبب مفاهمت جي نالي ۾ سنڌين جي حق حاڪميت کي پائمال ڪيو، اڄ سنڌ جي وزير اعليٰ کي سنڌي نه ٿي اچي، گورنر غير سنڌي ۽ دهشتگرد تنظيم ايم ڪيو ايم جو ميمبر آهي، هتي چيف سيڪريٽري سميت سمورن وڏن عهدن تي غير سنڌي مقرر آهن، جيڪا عوام سان سراسر ڌوڪي بازي آهي، ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجي فورم کي شاباس ڏيندي چيو ته ماضي کي ياد ڪرڻ بهتر آهي، اهو ڪم فورم ڪري ڏيکاريو، هن چيو ته باڊهه ۽ ڀرپاسي جي عوام کي اليڪشن ۾ اهڙا نمائندا چونڊڻ گهرجن جيڪي سندن اجتماعي قومي مفادن سان گڏوگڏ سندن مقامي مسئلن تي ڌيان ڏين، هن چيو ته اسان جا ماڻهو بک، بدحالي ۽ مفلسي جو شڪار آهن، هر ڀيري ساڻن اليڪشن وقت ڪوڙا واعدا ڪيا وڃن، پر اهي چونڊيل نمائندا ان حلقي ۾ ڳولهيا نه ٿا لڀن ان ڪري باڊهه واسي پنهنجي ووٽ حق سوچي سمجهي استعمال ڪن، ڊاڪٽر غفار ڪانڌڙي چيو ته اسان وٽ ورسيون ته جام ملهايون وينديون آهن. باڊهه سوشل فورم جا دوست هميشه نئين روايت قائم ڪندا آهن،
شهيد هيمون ڪالاڻي جي ملهايل سالگرهه جو احوال
شهيد هيمون ڪالاڻي جي ملهايل سالگرهه جو احوال
هنن هيمون ڪالاڻي جي سالگرهه ملهائي آهي، جيڪو هڪ سٺو سنوڻ آهي. ان موقعي تي گڏيل ٺهراءَ پيش ڪندي حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته امر شهيد هيمون ڪالاڻي جي سکر واري گهر کي قومي ورثو قرار ڏئي ان جي سار سنڀال لڌي وڃي، هيمون ڪالاڻي جي جنم واري شهر سکر سميت ٻين اهم شهرن ۾ هيمون ڪالاڻي جا يادگار جوڙايا وڃن، شهيد هميون ڪالاڻي جي شهادت توڙي سالگرهه وارن ڏهاڙن تي عام موڪل ڪري خاص پروگرام ترتيب ڏنا وڃن، درسي ڪتابن ۾ شهيد هيمون ڪالاڻي جو سبق شامل ڪيو وڃي، سالگرهه تقريب ۾ مظفر منگي ۽ راجا سومرو قومي ۽ انقلابي گيت پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو. ۽ اهڙي ريت هن سالگرهه جي تقريب پڄاڻي تي پهتي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button