مختصر خبرون

باڊهه: سيپڪو انتظاميا جي ڏاڍاين خلاف احتجاجي مظاهرو

عبدالمجيد جهتيال ،باڊهه
باڊهه: باڊهه واسين سان سيپڪو انتظاميا جي ڏاڍاين خلاف باڊهه ۾ جسقم، ايس ٽي پي ۽ جسقم (آريسر) پاران ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائر کي باهه ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، ان موقعي تي قادر بروهي، حسن ڪلهوڙو، اسحاق مشوري، رياض پنهور ۽ ٻين چيو ته سيپڪو انتظاميا جون باڊهه واسين سان زيادتيون وڌي ويون آهن، روزانو 12 کان 16 ڪلاڪ غيرقانوني لوڊشيڊنگ ڪري شهرين کي پريشان ڪيو پيو وڃي. هنن چيو ته ڊگهي لوڊشيڊنگ سبب هتان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته سيپڪو انتظاميا کي ڪافي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود ڪو به تدارڪ نه ٿو ٿئي، هنن مطالبو ڪيو ته باڊهه ۾ بجلي جو هٿرادو بحران پيدا ڪري رهواسين کي پريشان ڪندڙ نااهل سيپڪو انتظاميا خلاف قدم کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ باڊهه واسي احتجاجي تحريڪ هلائيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button