باڊھ

باڊهه: سوناري کان لکين رپين جي ماليت جو سون ڦر

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

سوناري جي دڪان مان ٿيل ڦر واري واقعي خلاف دڪاندار ۽ شھري پاران احتجاجي ڌرڻو
سوناري جي دڪان مان ٿيل ڦر واري واقعي خلاف دڪاندار ۽ شھري پاران احتجاجي ڌرڻو
باڊهه: باڊهه جي گودڙا گلي (ريشم گلي) ۾ واقع سجاد جويو جي سون جي دڪان مان نامعلوم هٿياربند ڦورو لکين رپين جي ماليت جو سون ڦر ڪري ويا، ڏينهن ڏٺي جو 3 نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ڦورو سجاد جويو جي سون جي دڪان تي چڙهائي آيا، کيس مارڪٽ ڪري دڪان مان لکين رپين جي ماليت جو سون ڦر ڪري موٽر سائيڪل تي چڙهي فرار ٿي ويا، واقعي جي اطلاع تي بعد ۾ پوليس به پهتي، جوابدارن جو پيڇو ڪيو پر هٿ نه اچي سگهيا، هوڏانهن واقعي خلاف دڪاندارن احتجاج طور ڪاروبارو بند ڪري اقبال نوناري، علي سونارو، غلام شبير جهتيال ۽ ٻينجي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري باڊهه ۾ رائيس ڪئنال جي پل وٽ ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ڪندڙن دڪاندارن چيو ته باڊهه ۾ پوليس جي نااهلي ڪري بدامني وڌي وئي آهي، جنهن ڪري اسان عدم تحفظ جو شڪار آهيون، هنن مطالبو ڪيو ته سجاد جويو جي دڪان مان سون جي ڦر ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سون واپس ڪرايو وڃي ، نه ته اسان جو احتجاج جاري رهندو، دڪاندارن جي هنيل ڌرڻي وٽ باڊهه ٿاڻي جو ايس ايڇ او ڳالهين لاءِ پهتو پر دڪاندارن ساڻس ڳالهين ڪرڻ کان انڪار ڪيو، بعد ۾ ڊي ايس پي ڏوڪري پهچي دڪاندارن سان ڳالهيون ڪري انصاف جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو، جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button